اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 2018ع کان 2021ع جي 3 سالن ۾ وزيراعظم آفيس ۽ هائوس جي ماضي جي خرچن جي ڀيٽ ۾ 108 ڪروڙ رپين جي بچت ڪئي آهي. ڪالهه آچر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سوچو جيڪڏهن نواز، زرداري هجن ها ته اهي 108 ڪروڙ انهن جي عياشين تي خرچ ٿيڻا هئا. عمران خان سادگي اختيار ڪئي. خرچ گهٽ ڪيا، هاڻي اهو ئي پئسو غريبن کي احساس ۾ ملندو.
