ليکڪ: عبدالستار سولنگي
ڪپڙا ڀلي پراڻا پهريو، پر نئون ڪتاب ضرور خريد ڪريو، ڇو ته خيالن جي جنگ ۾ ڪتاب هٿيارن جو ڪم ڏيندا آهن، هي لفظ معمولي نه پر وڏي ڪمال جا لفظ آهن، واقعي ڪتاب هڪ بهترين دوست آهي، جنهن جي پڙهڻ سان انسان زمين کان آسمان تائين پهچي ٿو، علم هر شئي جو بنياد آهي، علم بيمثال طاقت ۽ لازوال دولت آهي، علم لامحدود ۽ دولت محدود آهي، علم کان سواءِ انسان ائين آهي جيئن ڪو گل خوشبو سواءِ، اها حقيقت آهي ته جنهن گل ۾ خوشبو نه هوندي آهي ان گل جي ڪا خاص اهميت به نه هوندي آهي؟ ائين ئي علم ان سان گڏ ادب جو هجڻ به ايترو لازمي آهي، علم ملڪيتن مان اهڙي ملڪيت آهي، جنهن کي ڪو چور به چورائي نه ٿو سگهي، اهو ئي علم ڪم ظرف انسان کي با زينت ڀلو ۽ بااخلاق بڻائي ٿو، حضرت علي ڪرم الله وجه فرمايو: ”علم دولت کان بهتر آهي، ڇو ته دولت جي توهان حفاظت ڪندا آهيو ۽ علم وري اوهان جي حفاظت ڪري ٿو. دولت خرچ ڪرڻ سان کٽندي پر علم خرچ ڪرڻ سان وڌي ٿو.“ پر اڪثر هتي هڪ علم وارو ٻئي کي علم ڏيڻ ۾ ٿورو ڪيٻائيندو آهي، شايد ان جي ذهن ۾ اها سوچ سمايل هوندي آهي ته مون واري ڄاڻ وري ٻئي وٽ وري ڇو اچي وڃي؟ ظاهري مثال ته هڪ ڏيئي سان ڪيترائي ڏيئا ٻاري سگهجن ٿا، ائين علم سان ٻيا به ڪيترائي نوازي سگهجن ٿا! پر ڪن ماڻهن جي ڪيڏي ته ڪمتر سوچ هوندي آهي، جنهن کي هو عقلمندي سمجهندا آهن، ان ونڊ کي ونڊائڻ بدران لڪائڻ کي بهتر سمجهندا آهن، پر هتي ماڻهو اڪثر ڪپڙا ۽ بوٽ هزارن رپين جا خريد ڪندا آهن، هڪ سئو رپئي جو ڪتاب خريد ڪرڻ کان لنوائيندا آهن، اڄ واري دور ۾ نوجوان طبقو ڏينهون ڏينهن ڪتابن کان پري ٿيندو وڃي ٿو، جيئن گنجو پاڪيءَ کان ڊڄي! تيئن ئي اڪثر اڄ جي نوجوانن کي ڪتاب جو نالو وٺندي ئي تپ چڙهيو وڃين، باقي فيس بوڪ ۽ انٽرنيٽ تي سڄو سڄو ڏينهن ۽ راتيون اجايو گذاري ڇڏي ٿو، رات جو منهن مٿان موبائيل ڪرڻ کانپوءِ محسوس ڪري ٿو ته ننڍ اچي ٿي، گهڻا ته سڄي سڄي رات سمهن ئي ڪونه! انٽرنيٽ تي ويهي وقت وڃائن ٿا! هتي اڪثر ننڍڙن ٻارڙن کي جن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هئڻ گهرجن، جيتوڻيڪ انهن جي عمر پڙهڻ پروڙڻ جي هوندي آهي پر افسوس هو پنهنجو قيمتي وقت هتي اجايو وقف ڪري ڇڏيندا آهن، هوڏانهن وري والدين بيحد خوش ٿيندا آهن ته اسان جهڙي ڪونڌر پٽ جهڙو ڪو مٽ نه ثاني آهي، اها حقيقت آهي ته اولاد والدين کي هر شيءِ کان وڌيڪ پيارو هوندو آهي، چوڻي به آهي ته اولاد ڪانوَن کي به پيارو هوندو آهي، ڏٺو وڃي ته ڪٿي قصور پنهنجو به هجي ٿو پر ماڻهو اڪثر تسليم ئي نه ڪري ٿو، بهرحال منزلون مٽائي هڪ هنڌانهن ڊاهي ٻئي هنڌ اهڙيون ئي اڏائي سگهجن ٿيون، پر ذهنن کي مٽائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي، هر ڪنهن جي الڳ ۽ هڪٻئي کان مختلف سوچ آهي، اسان وٽ هڪ ته تعليم جي اڻهوند ٻيو عقل جي گهٽتائي جنهن سان اڪثر ماڻهن ۾ اهو شعور ئي ناهي رهيو، هتي هر ڪو شارٽ ڪٽ جي چڪر ۾ هجي ٿو، بس ڪٿان رستو ملي پوءِ ڀلي اهو رستو ڪهڙي به منزل تي وڃي رسائي، چوندا وک وري به وڌي، شڪر آهي، روزي انسان جي هٿ ۾ نه آهي، نه ته جنهن وٽ هجي ها ٻئي کي ڏيڻ جو سوچي ئي نه ها، امر جليل جا چيل لفظ ياد اچن ٿا ته”هن دوزخ جهڙي دنيا ۾ پٿر مهانگا ۽ گل سستا آهن، سچي محبت جو قدر ناهي رهيو، هتي دليون پٽاٽن جي اگهه کان به سستيون آهن“ باقي سچا نيڪ دل انسان ماڻهن جي نظر ۾ چريا آهن، جُڳاڙ لفظ هر ڪو ٻڌندو ايندو آهي، اهو جڳاڙ آهي ڇا؟ هتي اڪثر جڳاڙ تي ڪم هلايو ويندو آهي، ڪهڙي به ڪم کي جڳاڙ ڪري جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، شيخ اياز جون سٽون ياد اچن ٿيون: ”دنيا ۾ سچ صرف ٻن طريقن سان ڳالهائي سگهجي ٿو، هڪ ته ماڻهو چريو ٿي سچ ڳالهائي، ٻيو وري مذاق ۾ سچ ڳالهائي.“ سو هتي به سچ چريو ٿي يا مذاق ۾ ڳالهائجي نه ته سڄي دنيا دشمن ٿي ويندي، افسوس هتي رشوت ڏيڻ کان سواءِ جائز ڪم به نه ٿو ٿئي، رشوت نه ڏيڻ واري کي ڪيترائي آفيس جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا، هيڻن تي هر وقت حملا ۽ انهن کي هيسايو وڃي ٿو، ذاتي پنهنجن زمينن تي غيرن جا قبضا، ڏاڍ مڙسي تي مسڪين ماريا وڃن ٿا، حق گهرڻ تي گلا ڌٻايا وڃن ٿا، ظلم جي انتها هت هر روز وحشتن جي راند کيڏي وڃي پئي، آخر ڪنهن جي در دانهجي؟ انصاف جي اوسيئڙي ويٺل ماڻهن جو سج به لهي ويو پر انهن جا خواب ساڀيان نه ٿيا، افسوس اسان جي ملڪ ۾ ڏکوئيندڙ حادثن جو تعداد شايد شمار کان ئي مٿي آهي، بيحد افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته تازو ڏهرڪي ويجهو ريل حادثي ۾ 40 انسان اجل جو شڪار ٿي ويا، ائين کڻي لکجي ته 40 خاندان جو نقصان ٿي ويو، روزانو جي بنياد تي ڪيترائي ڪيس ٿين ٿا، ٻڌڻ جا عادي ٿي وياسين، ظلم جي انتها آهي قيامت برپا اڃا ڪهڙي چئبي؟ معصوم ٻارن کي ايڏي بي رحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، لکندي به لڱ ڪانڊارجن ٿا، درندن جي هن ديس ۾ اڪثر ماڻهو محفوظ ناهن، حڪمرانن جون کوکليون دعوائون ته امن آهي پر سچ ته ڪٿي به امن ناهي رهيو، ماڻهو وڃي ته آخر وڃي ڪاڏي؟ اميرن ۽ ڏاڍ مڙسن لاءِ هڪڙو قانون ۽ غريبن لاءِ وري ٻيون ٽيون قانون هجي ٿو، بس ڇا ڪجي ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن اسان کي هڪ بهتر ۽ مهذب معاشرو جوڙڻو آهي جنهن ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو وڃي ته اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي نوجوان نسل کي اهو شعور ڏيون ته هو ڪتابن سان محبت ڪن ۽ تعليم يافتا بڻجي ملڪ ۽ قوم جي ڀرپور نموني خدمت ڪن، ته جيئن اسان وٽ پيش ايندڙ سانحا رڪجي سگهن، جيڪڏهن اسان وقت سر ائين نه ڪيوسين ته ممڪن آهي ته اسان نقشي تان مٽجي وڃون، ڇاڪاڻ ته قلم ئي اهو هٿيار آهي جنهن سان اسان پنهنجي ۽ قوم ۽ ملڪ جي تقدير بدلائي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته هڪ يافتا قوم ۽ ملڪ بڻجڻ لاءِ اسان کي گهرجي ته جيترو ٿي سگهي اوتر ئي عوام ۾ شعور بيدار ڪريون ته جيئن اهي پنهنجي ڀلي ۽ بري جو سوچي سگهن.