111

”ڪواڊ“ ۾ بنگلاديش جي امڪاني شموليت، چين کي ڪهڙا اعتراض آهن..؟؟

ليکڪ: رپشا مکرجي

تازو ئي چين بنگلاديش کي آمريڪا جي سربراهي ۾ ٺاهيل ڪواڊ اتحاد ۾ شموليت کان خبردار ڪيو آهي، چين طرفان اها تنبيهه چين جي سفير لي جيمنگ صحافين سان هڪ ملاقات ۾ ڪئي وئي، جيڪا بظاهر وڏي جارحاڻي ۽ چين طرفان پيش بندي معلوم ٿئي ٿي، پر ان تي انڊيا ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي،  چين طرفان اها تنبيهه ڪا غير متوقع شيءِ به ناهي، ڇو ته چين هن خطي ۾ آمريڪي قدمن تي وڏي گهري نظر رکي ويٺو آهي، آمريڪا خطي جي ملڪن سان پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪري رهيو آهي ۽ ڪواڊ ان سلسلي جي ئي هڪ ڪڙي آهي، چين سفارتي سطح تي ۽ ميڊيا جي ادارن ذريعي خطي ۾ آمريڪي سرگرمين تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندو رهيو آهي، چين جي سرڪاري اداري گلوبل ٽائيمز لي جيمنگ جي حوالي سان لکيو آهي ته آمريڪا چين ۽ بنگلاديش وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته بنگلاديش جي پرڏيهي وزير اي ڪي عبدالمومن فوري طور تي چيني سفير جي بيان تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهو بيان افسوسناڪ آهي، هن چيو ته بنگلاديش پنهنجي پرڏيهي پاليسي جو پاڻ تعين ڪندو آهي ۽ ڪنهن به ٻئي ملڪ جي پنهنجي سوچ ۽ پنهنجو موقف ٿي سگهي ٿو، چين جي سفير طرفان 10 مئي تي اهو بيان ڏنو ويو ته جيڪڏهن بنگلاديش جي حڪومت ڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته ڍاڪا ۽ بيجنگ جا لاڳاپا سخت متاثر ٿي سگهن ٿا، بنگلاديش جي حڪومت ۽ ملڪي ميڊيا جي لاءِ چيني سفير جو اهو بيان حيرت جو سبب هو، بنگلاديش ۾ شايع ٿيندڙ اخبار دي ڊيلي اسٽار 12 مئي تي پنهنجي شماري ۾ لکيو ته لڳي ٿو ته چين جي حڪومت ان امڪان تي پريشاني جو شڪار آهي ته ڪٿي بنگلاديش ان تحاد جو حصو نه بڻجي وڃي، ان پريشاني جو سبب ڪهڙو آهي اسان کي اهو معلوم نه آهي، جيڪو ڪجهه به هجي پر ان ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي ته ان بابت فيصلو ڪرڻ جو اختيار بنگلاديش جي حڪومت وٽ آهي. ڇو ته چين اڳ ڪڏهن به بنگلاديش کي ڪواڊ کان پري رهڻ بابت ڪجهه ناهي چيو پر ان بابت گهڻي عرصي کان ڳڻتي جي لهر پکڙيل آهي،  چين جي سرڪاري اخبار گلوبل ٽائيمز کي آڪٽوبر 2020ع ۾ لي جيمنگ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته آمريڪا مسلسل پنهنجي ڳجهن ارادن تحت چاهي پيو ته بنگلاديش کي به چين مخالف اتحاد جو حصو بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ هن ان وقت جي آمريڪي دفاع واري وزير مارڪ ايسپر جي بنگلاديش جي وزيراعظم حسينا واجد سان فون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو ۽ آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير اسٽيفن بيگن جي بنگلاديش دوري جي به نشاندهي ڪئي، چيني سفير چيو ته ڪووڊ 19 جي وبا، چين ۽ آمريڪا وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ چين ۽ انڊيا وچ ۾ سرحدي تڪرار بنگلاديش جي لاءِ ٻاهرين ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چيني سفير جا لفظ ”ولف واريئر ڊپلوميسي“ جي طرح آهن، جنهن ۾ پيغام ڏيندڙ چين جي دفاعي ۽ واپاري مفادن بابت سخت زبان استعمال ڪندو آهي، انڊيا ۾ شايع ٿيندڙ اخبار دي انڊين ايڪسپريس 18 مئي تي لکيو ته چيني سفير پنهنجي ميزبان ملڪ تي ايترو سخت رويو ڇو اختيار ڪيو؟ جڏهن ته بنگلاديش چين جي حساس موضوعن تي ڪڏهن به ڳالهه ناهي ڪئي، ڍاڪا ۽ ڪواڊ بابت ڳالهائي چيني سفير دراصل بنگلاديش جي لاءِ هڪ سرخ لڪير ڇڪي ورتي آهي، هڪ بنگلاديشي اخبار پهرين مئي تي اطلاع ڏنو هو ته چين جي دفاع واري وزير وير فينگهي هلندڙ سال اپريل ۾ ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي صدر محمد عبدالله حميد کي چيو هو ته چين چاهي ٿو ته بنگلاديش خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ چين جو ساٿ ڏئي، بنگلاديش دفاعي ساز و سامان جي خريداري تي وڏي حد تائين چين تي ڀاڙي ٿو، انڊيا جي اخبار فائنينشل ايڪسپريس مطابق بنگلاديش جو 86 سيڪڙو اسلحو چيني ساخت جو آهي، وي فينگهي اپريل ۾ چيو هو ته چين ۽ بنگلاديش کي اهڙي طاقت جي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي جيڪا ٻاهر ويهي خطي ۾ اتحاد ٺاهي رهي آهي، ان جو واضح اشارو آمريڪا طرف هو، جنهن جي بنگلاديش سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ دلچسپي وڌندي پئي وڃي، آڪٽوبر 2019ع ۾ بنگلاديش آمريڪا کان اپاچي هيليڪاپٽر ۽ ميزائل خريد ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي هئي، ڍاڪا ۾ آمريڪي سفارتخاني طرفان چيو ويو ته اسان 2030ع تائين بنگلاديش جي فوج کي جديد بڻائڻ جي خواهش جي حمايت ڪريون ٿا،  بنگلاديش ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا لاءِ به ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي جنرل سيڪيورٽي آف ملٽري انفارميشن ايگريمينٽ ۽ ايڪوزيشن ڪراس سروسنگ ايگريمينٽ تحت ٿي سگهن ٿيون، هلندڙ سال مارچ ۾ انڊيا جيڪو ڪواڊ جو ميمبر آهي، ان بنگلاديش کي 50 ڪروڙ ڊالر جي ماليت جو اسلحو خريدڻ لاءِ قرض فراهم ڪيو هو، جيڪڏهن ڪواڊ بابت بنگلاديش جي تازن بيانن کي ڏٺو وڃي ته لڳي ٿو ته بنگلاديش پنهنجي متوازن ۽ غيرجانبداراڻي پرڏيهي پاليسي جاري رکندو، انڊيا به اهو چئي چڪو آهي ته ڪواڊ کي وسعت ڏيڻ جو هاڻ به ڪو ارادو ناهي، اطلاعن مطابق بنگلاديش جي پرڏيهي وزير چين جي دفاع واري وزير طرفان ڪواڊ جي حوالي سان جن توقع ۽ اميدن جو اظهار ڪيو ويو هو ان تي ڪجهه نه چيو آهي، جڏهن ته چين ڏکڻ ايشيا جي ملڪ سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، چين جي دفاع واري وزير هلندڙ سال اپريل ۾ بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي ياد ۾ تعمير ڪيل عجائب گهر تي به حاضري ڏني هئي، اهو چين جي ڪنهن اعليٰ اهلڪار پاران شيخ مجيب الرحمان جي يادگار تي پهريون دورو هو، بنگلاديش پاران چين مخالف اتحاد جو حصو بڻجڻ جو ڪو به سبب نه آهي پر چين طرفان جاري ڪيل تنبيهه مان لڳي ٿو ته چين چاهي ٿو ته بنگلاديش پنهنجي غيرجانبداراڻي پاليسي ترڪ ڪري ڇڏي ۽ عالمي سطح تي آمريڪا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ان سان گڏ بيهي رهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو