132

شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ لاکي جو ڪردار…

ليکڪ: ڪليم لطيفي

ڪجهھ محققن جي راءِ مطابق شاھه سائينءَ جي سر ڏھر جو سورمو لاکو ڦلاڻي ڪڇ جي علائقي جي سردار ڄام ڦل جي گھر 918ع ۾ پيدا ٿيو، لاکو ڦلاڻي سخي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس والد علائقي جي مشھور شخصتين منجھان ھو، اڄ اسين پڙھنداسين ته لاکي جھڙو لاکيڻو ڪردار لوڙائو ڪيئن ٿيو؟ ھي ڪردار ڌاڙيل ھجڻ جي باوجود به لطيف سائينءَ جو پسنديده ڪردار رھيو آھي. ان دور ۾ ريٻارين جي برادري ڪڇ ۽ ڀڄ جي سرحد تي وڏي تعداد ۾ آباد ھئي، ريٻاري شروع کان ئي مالوند ۽ سکيا ستابا ھئا، ريٻارين لاکي جي دوستن جسي ۽ جيسراج کي ناحق قتل ڪرايو. ان وقت ڪڇ جو وڏو ” راءِ کنگھار“ ھو. لاکي راءِ کنگھار کي معاملو چڱي نموني سان ڏسڻ ۽ سندس ساٿين جي ٿيل قتل جي انصاف جو چيو، پر راءِ کنگھار ريٻارين جي طرفداري ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته راءِ کنگھار جو ريٻاري قبيلي جي چنچل نالي عورت سان ڳجھو تعلق ھو، جنھن سبب ھو انصاف ڪرڻ بدران ريٻارين جو ساٿ ڏيڻ لڳو، لاکو اصول جو پڪو ۽ دوستن تي سر ڏيڻ وارو ھو، سو راءِ کنگھار جي غلط روش سبب ڌاڙيل بڻجي پيو ۽ ڪڇ واري پاسي کان لڏي ڪري ڪاڇي واري پاسي ھليو ويو. لاکو اتان سندس” لکي“ نالي گھوڙي تي چڙھي ايندو ھو ۽ ڪڇ مان جاڙيجن، سمن ۽ ريٻارين جو مال ڪاھي ويندو ھو، ڪڇ جو علائقو لاکي جي لوڙائو ٿيڻ سبب دھشت جو ميدان بڻجي ويو، سمن جو سک ڦٽي ويو ۽ جاڙيجا خوف ۾ وٺجي ويا ته لاکي مان جان ڪيئن ڇڏائجي؟

جاڳو جاڙجيجا، سما سک ۾ سمھو،

پسو آن پارئا، لاکو ٿو لوڙيون ڪري!

لطيف سائين به جاڙيجن ۽ سمن کي خبردار ڪندي چيو آھي ته ھاڻي لاکو اوھان جو دشمن ٿي پيو آھي، سک سمھڻ اوھان کي ھرگز نه جڳائي، ھو ڏسو لاکو اچي پيو ۽ اوھان جي علائقي مان وڳن جا وڳ پيو ڪاھي.

لاکو نه  لاھي، مٿان  ھڻي  ھٿڙا، 

گھنيريا گھير ڪري اڀو ئي آھي،

ڪنڍيون سي ڪاھي،خاصيون جي کنگھار جون.

لاکي اھڙو ته وير رکيو جو سندس گھوڙي ھر وقت تيار آھي. ھن دفعي لاکو ڪڇ جي گھنيريا واري پاسي کان حملو ڪري آيو آھي ۽ چونڊي راءِ کنگھار جون ڪنڍيون مينھون پيو ڪاھي.ڪڇ جو علائقو راءِ کنگھار جي غلط پاليسين سبب خوف ۽ دھشت جي علامت بڻجي ويو.

راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،

ڪيئين ماڻيندا سي، چوڏھن چارو ڪڇڙو.

ڪڇ جي علائقي کي چوڏھن رستا لڳندا ھئا جيڪي لاکي جي دشمني سبب بند ٿي ويا، جاڙيجن لاکي سان دشمني ڪري سڀني سان ويل ڪري ڇڏيو.

لاکو لکيءَ تي چڙھي، لکي لاکي ساڻ،

چاري  چاڙھي آيو ، واسي رت وٿاڻ،

جاڙيجن زيان، ڪيڏو ڪيو ڪڇ سين.

لاکي جي دھشت ريٻارين جو ساھه سڪائي ڇڏيو ھو،ڪڏھن ڪٿان اچي مٿن ڪڙڪندو ھو ته ڪڏھن ڪٿان، ھو واردات ڪرڻ کان اڳ وٿاڻ تاڙي ويندو ھو ۽ واپسي جو گس به ڏسي ويندو ھو، ان کانپوءِ اچي حملا ڪندو ھو.

ريٻارڻ روئي، واڙي پاتا وڇڙا،

سمورا سوئي، ھڻي ساٿ ھيڪلي.

لاکي جي لوڙائو ٿيڻ کان پھريان جاڙيجن، سمن ۽ ريٻارين جو مال بنا ڪنھن خوف جي ٻاھر پيو ھلندو ھو پر جڏھن لاکي سان وير ٿين ته ريٻارين جي عورت روئيندي وڇڙا اندر پئي واڙي ته متان لاکو اوچتو اچي سندن مال نه ڪاھي وڃي. ريٻارڻ ڄڏھن پنھجو وٿاڻ خالي ڏٺو ته واڙ وٽ بيھي زار وقطار روئڻ لڳي ته اھي گھوڙي سوار اسان جي مال جا وڳ ڪاھيون وڃن ٿا پيا جن جو ڪاڇي جي ٻنھي پاسي ڌاڪو آھي پر مجال جو ڪوئي لاکي کي روڪي سگھي.لاکي جي دشمني ريٻارين کي تمام ڳري پئجي وئي سندن وٿاڻن جا وٿاڻ خالي ٿي چڪا ھئا، لاکي ھنن جو ڪڇ ۾ رھڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو، راءِ کنگھار به طاقت ھجڻ جي باوجود لاکي آڏو بيوس بڻجي پيو ھو، آخر ريٻارين جي اھا عورت به ھن کي سامھون طعنا ڏيڻ لڳي جنھن سان کنگھار جو تعلق ھو ته لاکي اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، وٿاڻن ۾ وڇ به نه رھي آھي، اڃا توھان ماٺ لڳا پيا آھيو، آخر ۾ ڪڇ جي ھن ڪونڌر کي راءِ کنگھار پنھنجي گھر دعوت تي گھرائي ڌوڪي سان مارائي ڇڏيو، جنھن ۾ سندس گھوڙي لکي به مارجي وئي.

لکي ۽ لاکو، ٻئي مئا ٻاجهھ ٿي،

قادر لاٿو ڪڇ تان اديون اولاڪو،

وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رھي ويا.

لاکي جي موت کانپوءِ سندس وسندي جي ويراني جو ڏيک لطيف سائين ھن طرح بيان ڪيو آھي

منجهھ ڪٻرن ھل، ٻاھر لمن چمڙا،

نه لاکو نه ڦل، ڳجهھ ڳرھيان ڪن سين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو