ليکڪ: اسلم مھر
اسان جي سماج ۾ عورت ۽ مرد ۾ زمين ۽ آسمان جيترو فرق سمجھيو وڃي ٿو، مطلب ته مرد کي مٿانھون ۽ عورت کي گھٽ سمجھيو وڃي ٿو، اھڙي سوچ رکندڙن کان منھنجو سوال آھي ته ڇا عورت صرف قرباني جو نالو آھي، درد، ڏک ۽ سور صرف عورت لاءِ ئي آھن؟ ڇا عورت انسان ناھي؟ ڇا عورت جي سيني ۾ دل ناھي؟ ڇا عورت جي ڪا خواھش ناھي؟ آخر اسان جي سماج ۾ عورت کي ھڪ اهڙو ڇو ٿو سمجھيو وڃي؟ جڏھن اسان روز جي اخبارن تي نظر ڦيرايون ٿا ته ھر اخبار جي ھر پيج تي صرف عورت سان ئي ناانصافي سان ڀريل نظر ايندي آھي، عورتن تي ٿيندڙ ڪھڙن ڪھڙن ظلمن دردن کي بيان ڪجي ھر روز ڪو نه ڪو نئون واقعو ڪر کنيون بيٺو آهي، اسان جي سنڌ کي صوفين، اوليائن ۽ بزرگن جي سرزمين سڏيو ويندو آھي ته جنھن کي پيار امن ۽ محبت جي ڌرتي پڻ سڏيو ويندو آھي، اسان جي سماج ۾ عورت تمام گھڻي عزت ھوندي ھئي، اسان جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته اسان وٽ عورت کي عزت جي نگاھه سان ڏٺو ويندو ھو، عورتن کي مردن جي برابر حق حاصل ھئا، سامن لاءِ پنھنجو سر ڏئي ڇڏيندا ھئا، ڪنھن به نياڻي طرفان پوتي ميڙ تي خون معاف ڪرڻ سميت وڏا وڏا معاملا به درگذر ٿي ويندا ھئا، جنھن سماج ۾ نياڻي جي ايتري عزت ھوندي ھئي اڄ ان ئي معاشري ۾ نياڻين جا بھترين قدر ڪاڏي ھليا ويا، انھن جي جاءِ تي شيطانيت ڪيئن جاءِ والاري ويٺي آھي، سمجهھ ۾نٿو اچي ته اسان جي سماج ۾ سماجي نفسيات جي ٻيڙي ڇو پئي ٻڏندي وڃي، ماڻھن مان لڄ ڇو پئي ڇڏائيندي وڃي، سنڌ اندر گھڻو ڪري اتر سنڌ ۾ نياڻين کي ڪوڙو ۽ ھٿ ٺوڪيو الزام ڏئي ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم عيوض بيدردي سان قتل ڪري بنا غسل ۽ ڪفن جي دفن ڪيو ٿو وڃي يا وري درياهه ۽ واھن ۾ لوڙھيو ٿو وڃي، ھر ايندڙ ڏينھن تي ڪٿي نه ڪٿي عورتن مٿان تشدد ڪيو وڃي ٿو، روزانو ڪيترين ئي عورتن سان لڄالٽ جا واقعا پيش اچن ٿا، اھڙي قسم جا واقعا گھڻي عرصي کان پيش ايندا رھن ٿا ۽ ائين کڻي چئجي ته اھڙي قسم جا واقعا روز جو روز وڌندا پيا وڃن، عورتن جي حقن جي حوالي سان وڏا وڏا پروگرام ۽ سيمينار ڪري لکين رپيا خرچ ڪري عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي مذمت ڪندي عورتن جي حقن بابت ڳالھايو ويندو آھي ۽ گھڻو ڪجھه سوچيو ويندو آھي پر عمل ان جي ابتڙ ٿيندو آھي، جئين پوءِ تئين عورتن مٿان ظلم جا پھاڙ ڪيرائي ڏاڍ جبر ۽ زبردستي ڪري عورتن کان حق کسيا ويندا آھن ته ڪنھن مھل عورتن کي سرعام تذليل ڪري تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪنھن مھل عورت کي پيءُ ڀاءُ جي عزت خاطر کيس قربان ڪيو ٿو وڃي، آخر اھڙي ويڌن عورت سان ئي ڇو ٿي ڪئي وڃي، اسان جي سماج ۾ عورت ويچاري پنهنجي سموري عمر خوف ۾ گذاريندي پــنھنجين خواهشن ۽ خوابن کــي قربان ڪري ٿــي پر ان جي بدلي ۾ مرد بگهڙ بڻجي وڃي ٿو، پوءِ اھو بگھڙ ڀاءُ، چاچي، پيءُ، مڙس ۽ پٽ جـي صورت ۾ عورت کان جــيئڻ جــو حــق کــسي ٿا وٺــن، اسان وٽ ته عورت ويچاري وٽ غلطي جــي گنجائش ناهي، کيس غلطي جي بدلي سندس مٿان ڪھاڙي اڀي ڪندي يا بندوق سڌي ڪندي مــوت جي سزا ڏني ٿي وڃي. پر جي ڪو مرد غلطي يا گناھه ٿو ڪري ته ان جــي سزا به کيس عورت کــي ڏني ويندي آھي، اسان جي ملڪ اندر ادارا عورتن کي ھر لحاظ کان تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آھن، آخر اھڙي ڪھڙي مجبوري يا سبب آھي جو عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارا عورتن کي حق ۽ تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام پيا وڃن، آخر ڪيسيتائين اسان جي سماج ۾ عورتن کي ٿوري ٿوري ڳالهھ تي تشدد ڪيو ويندو يا معمولي ڳالهھ تان بيدردي سان قتل ڪيو ويندو، آخر ڪيستائين اسان جي سماج ۾ عورتن سان ويساھه گھاتي ڪئي ويندي، آخر ڪيستائين عورتون ظلم جي پيڙاھه ۾ پيسجنديون رھنديون، کين حوس ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويندو؟ سنڌ ۾ اڄ به عورت ظلم ۽ جبر جو شڪار آھي، ڪڌين ريتن رسمن ۽ جرڳائي نظام عورت کي غلام بڻائي ڇڏيو آھي، ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته اعليٰ اختيارين کي گھرجي ته گھڻي وقت کان ستل گھري ننڊ مان سجاڳ ٿي سنڌ اندڙ عورتن سان پيش ايندڙ سوين مسئلن طرف ڌيان ڏين ۽ سختي سان نوٽيس وٺن ته جيئن عورتن سان ڊگھي عرصي کان ھلندڙ ناانصافين وارا واقعا پيش نه اچن.