103

سنڌ بابت کوليل هڪ نئون محاذ…

ايڊيٽوريل

وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف تيزي سان ڪر کڻي رهيا آهن ۽ ٻئي حڪومتون هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي ويون آهن، سنڌ حڪومت طرفان صوبي جي مفادن بابت بار بار پنهنجو موقف پيش ڪرڻ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر وفاقي سرڪار به سنڌ حڪومت خلاف سخت موقف سان سامهون آئي آهي، هن ڀيري ان ڪم جي ڊيوٽي وفاقي وزير فواد چوڌري جي حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪو گذريل ٻن ڏينهن کان سنڌ ۾ آئين جو آرٽيڪل 140 لاڳو ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪري رهيو آهي، جنهن تحت صوبي اندر مڪاني حڪومتون قائم ڪيون وينديون ۽ اهي الڳ يونٽ جيان ڪم ڪنديون، فواد چوڌري پهريان اها ڳالهه اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي هئي پر ان کي ايتري موٽ نه ملي سگهي، جڏهن ته هن آچر واري ڏهاڙي ساڳي ڳالهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اهو معاملو هاڻي وڏو اشو بڻجي سامهون آيو آهي، فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه قومپرستي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري سندس هوندي سنڌ ۾ ڪنهن به تبديلي جي اميد نٿي رکي سگهجي. سندس چوڻ آهي ته سنڌ جو پاڻي پنجاب چوري نه ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت جون دانهون اجايون آهن، هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت لهجو اختيار ڪيو آهي ۽ ڪيترائي الزام پڻ لاڳو ڪيا ويا آهن، گذريل ٻن ڏينهن کان هو ڪراچي ۽ سنڌ کي پڻ الڳ ڪري پيش ڪري رهيو آهي.

وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ وقت بوقت اختلاف ۽ تڪرار لاڳيتو گذريل ٽن سالن کان هلندو رهيو آهي پر هي تازو محاذ سنڌ جي وڏي وزير طرفان ترقياتي فنڊن ۾ سنڌ کي جائز حصو نه ملڻ بابت اسلام آباد ۾ وزيراعظم آڏو احتجاج ڪرڻ ۽ ڊولپمينٽ ڪاميٽي کي نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني قرار ڏيڻ کانپوءِ سامهون آيو آهي. رد عمل ۾ وفاقي حڪومت به سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت تي ڀرپور جوابي وار ڪيو آهي ۽ پنهنجي مطالبي سان سامهون آئي آهي، ان کان اڳ ۾ ڪراچي کي سنڌ حڪومت کان الڳ ڪرڻ لاءِ خودمختيار بڻائڻ بابت پڻ آئين ۾ ترميم جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر سنڌ ۾ شديد رعمل کانپوءِ اها واپس ورتي وئي هئي، وفاقي وزير فواد چوڌري جي تازن بيانن کانپوءِ سنڌ حڪومت به کليل طور تي ميدان ۾ اچي وئي آهي، سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه فواد چوڌري جي الزام تراشي ۽ موقف کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير ڪامياب ۽ طاقتور وڏو وزير آهي تنهن ڪري وفاقي حڪومت ان خلاف سازش ڪري رهي آهي، سندس چوڻ آهي ته سيد مراد علي شاهه جو ڏوهه فقط اهو آهي ته هو پنهنجي صوبي جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري سندس خلاف اجائي مهم شروع ڪئي وئي آهي، سيد ناصر شاهه وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت نه فقط سيد مراد علي شاهه جي صلاحيتن سبب پريشان آهي پر خوفزده به ٿي ويو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري مالياتي ايوارڊ تحت صوبي کي ملندڙ رقمن جي حساب وٺڻ جو ڪو به حق نٿو رکي، اهو حق فقط سنڌ اسيمبلي جو آهي، هن وڌيڪ چيو آهي ته فواد چوڌري سنڌ جي نگراني جا خواب ڏسڻ بند ڪري، هن وڌيڪ چيو آهي ته فواد چوڌري ٻين کي رٻڙ اسٽيمپ ڪوٺي رهيو آهي پر پاڻ به پنجاب جو وڏو وزير ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، سيد ناصر شاهه وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي حڪومت ارسا کي يرغمال بڻايو آهي، تنهن ڪري معاملا بگڙي ويا آهن. ڏسجي ته هي معاملو ڪٿي دنگ ٿو ڪري، پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ۽ وفاق وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ معاملا اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، مرڪزي سطح تي سنڌ جون شڪايتون جائز آهن ۽ جيستائين اهي حل نه ٿيون ٿين تيستائين اهي معاملا به هلندا رهندا، اها سٺي ڳالهه آهي ته فواد چوڌري گورنر راڄ جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙو فيصلو آئين جي خلاف ٿيندو پر ساڳي وقت سنڌ جي انتظامي يونٽ ۾ ورهائڻ واري ڳالهه به سنڌ جي وحدانيت خلاف سمجهي ويندي،تنهن ڪري اهڙن معاملن سان هٿ چراند سبب سنڌ اندر ردعمل به شديد ٿي سگهي ٿو. بهتر ائين آهي ته سنڌ جا سمورا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن ته جيئن ان سطح تائين اختلاف وڃڻ جي نوبت ئي نه اچي. اهو ممڪن ناهي ته ڪنهن جو حق ماريو وڃي ۽ اهو وري دانهن به نه ڪري! گهٽ ۾ گهٽ سنڌ دانهن جو اهو حق محفوظ رکي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو