ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي 14 کربن جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اڄ 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه بجيٽ تجويزون سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪندو، ذريعن موجب مالي سال 2021-22ع جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 14 کربن کان وڌيڪ هوندو، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽئڪس نه لڳايو ويندو، پوليس ۽ امن امان جي لاءِ 105 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، صحت جي شعبي لاءِ اضافي سان گڏ 172 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، اسڪول ايجوڪيشن جي لاءِ به 215 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته تعليم کاتي جي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ غير ترقياتي خرچن لاءِ مختص ڪئي ويندي، بلديا جي لاءِ 119.75 ارب رپيا مختص ڪرڻ جو امڪان آهي، آبپاشي کاتي سنڌ جي مجموعي بجيٽ 53 ارب رپيا هوندي، ٽرانسپورٽ لاءِ 14 ارب ۽ ڪاليج ايجوڪيشن لاءِ 25 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
