ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾سموريون حددخليون ختم ڪرڻ،اورنگي ۽ گجر نالن تي آپريشن جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، لاڳاپيل ڌريون عدالت ۾ پيش ٿيون، ڌرين جي دليلن کانپوءِ چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته الاالدين واٽر پارڪ کان متصل شاپنگ سينٽر ۽ پويلين ڪلب سميت سموريون حددخليون هٽايون وڃن، اورنگي ۽ گجر نالن تان حددخليون هٽائڻ لاءِ آپريشن جاري رکيو وڃي، ڇا ليز تي ڏنل جڳهيون قانوني آهن؟ سروس روڊ تي بلڊنگ ٺاهي ڇڏي،سرڪاري پلاٽن تي پلازه ٺهي ويا،سمجهون پيا ته عدالت کي ڪو پتو ئي نه پوندو، حڪومت ڪٿي آهي،ڪير ذميواري کڻندو،ڪراچي تي ڪئناڊا مان يونس ميمڻ حڪمراني ڪري رهيو آهي. عدالت سنڌ حڪومت جي وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سنڌ کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي، ٿرپارڪر ۾ اڄ به ماڻهو پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپن پيا، 15 سئو ملين خرچ ٿي ويا، حڪومت وٽ ڪهڙو منصوبو آهي. صورتحال خراب ٿي رهي آهي. عدالت ڌرين جي دليلن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ريلوي جي زمين تي قبضي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ پٽيندي رمارڪس ڏنا ته توهان جي دور ۾ 2 هزار ماڻهو ٽرين حادثن ۾ فوت ٿيا، توهان جا مزا آهن، ماڻهو ڀلي مرن، توهان ته سيڪريٽري لڳا پيا آهيو، توهان ريلوي جي زمين کپائڻ ۾ لڳا پيا آهيو ته پئسا کيسن ۾ ڪيئن وجهڻا آهن، ريلوي کي زمين وڪرو ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناهي، حادثي کانپوءِ ريلوي وارا اُتي پهچي ويندا آهن، فوت ٿيلن جي پونيئرن لاءِ 15-15 لک رُپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو ويندو آهي، ماڻهن کي توهان جا 15 لک نه، پنهنجا والدين ۽ پيارا گهرجن، ريلوي وزير جي پريس ڪانفرنس ڏٺي، مون کي لڳو ته ٽرين حادثي کانپوءِ وڏو وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي استعيفيٰ ڏيندا، پر ائين نه ٿيو، هي رڳو ماڻهن کي مارائي رهيا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي کان سکر تائين ريلوي ٽريڪ 82 سيڪڙو خراب آهي، ٽريڪ مسافرن لاءِ خطرناڪ ۽ ناقابل استعمال آهي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي پاڻ هي معاملو ڏسڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ريلوي تي وفاقي حڪومت کان ٻن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
108