لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب بجيٽ پيش ڪئي وئي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پينشن ۾10 سيڪڙو واڌ، 25 سيڪڙو اسپيشل الائونس جو اعلان ڪيو ويو. رپورٽ موجب پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس پرويز الاهي جي سربراهي ۾ ٿيو، ناڻي واري صوبائي وزير هاشم جوان بخت 2653 ارب رپين جي حجم جي بجيٽ پيش ڪئي، اوڳاڙين جو 405 ارب رپيا ٽارگيٽ مقرر،خرچ جو ڪاٿو 1428 ارب لڳايو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ ۾66 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، ترقياتي پروگرام لاءِ 560 ارب رپيا رکيل آهن، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گريڊ هڪ کان 19 تائين ملازمن لاءِ اسپيشل الائونس ۾25 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ پورهيتن جي گهٽ ۾گهٽ اجرت 20 هزار مقرر ڪئي وئي آهي. پنجاب حڪومت ڪاروباري ماڻهن لاءِ 51 ارب رپين جي پئڪيج جو پڻ اعلان ڪيو آهي.
