188

تبديلي بي نقاب ٿي چڪي، ماضي جا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته تبديلي بي نقاب ٿي چڪي آهي، ميرٽ جي حاصلات ۾ موجود حڪومت ماضي جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، اپوزيشن جون ٻئي جماعتون ۽ پي ٽي آئي رڳو پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ ميڊيا تي ويڙهه وڙهي رهيون آهن، 22 ڪروڙ عوام جو وڏي بيرحمي سان استحصال ٿي رهيو آهي، هن چيو ته عوام پهرين ئي بک سان مري رهيو آهي، بجٽ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جو هڪ وڏو طوفان ايندو، حڪومت اٽو، کنڊ، داليون ۽ گيهه سميت ٻيون شيون سستيون ڪرڻ جي بدران حقيقتن ابتڙ انگ اکر پيش ڪري رهي آهي، بجلي، گئس، پيٽرول ۾ اضافي جو بم تيار ڪيو وڃي پيو، ٽيڪسن جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عوام جو رت چوسيو ويندو، ملڪ جي معيشت عالمي ادارن جي پنجي ۾ جڪڙيل آهي، پي ٽي آءِ جي ٽن سالن ۾ لاقانونيت ۽ پوليس گردي ۾ اضافو ٿيو آهي، اسلام آباد ۾ 16 سالن جي نوجوان حسن خان کي پوليس جي حراست ۾ شهيد ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو