142

ڪجهه عرصو پهريان لنڊن مان ڪراچي کي هلايو ويندو هو: سيد ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾رفيقي شهيد اسپتال ۾ وئڪسين سينٽر جي افتتاج جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪجهه عرصو پهريان لنڊن مان ڪراچي کي هلايو ويندو هو، سنڌ حڪومت ۾ اهڙا ماڻهو ناهن جو ٻاهر ويهي شهر هلائي رهيا هجن، هن چيوته يونس ميمڻ جو نالو اڄ اخبار ۽ ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، ان جو ڪو پتو آهي ته مونکي ضرور ڏجو، سيد ناصر حسين شاهه چيوته سنڌ حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وئڪسينيشن سينٽر جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ته جيئڻ ماڻهو وئڪسين لڳرائي سگهن، هن چيو ته سنڌ حڪومت ملازمن کي به وئڪسين لڳائڻ لاءِ پابند ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو