اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت اپوزيشن کي پارليامينٽ ۾ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم عمران خان ترجمانن کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي بحران جي ڪيفيت مان ڪڍيو آهي،موجوده صورتحال ۾بهترين بجيٽ ڏني. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن خصوصي معاونن، صلاحڪارن ۽ ترجمانن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ترجمانن کي اپوزيشن کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو ته تباهه ٿيل معيشت ورثي ۾ملي،بجيٽ ۾عام ماڻهو پگهاردار طبقي،پورهيت ۽ واپارين کي سهولت ڏني آهي، جڏهن ته معيشت جا سمورا انگ اکر صحيح رخ ڏانهن وڃن پيا، برآمد تي تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي،ناڻي جي مٽاسٽا ۽ ٽيڪس جي صورتحال بهتر آهي.
