ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ڪورونا سبب 34 ڄڻا فوت، اڄ کان پابندين ۾نرمي، آفيسن ۾100سيڪڙو حاضري جي اجازت هوندي، جم به جزوي طور تي کولندا. سنڌ ۾اڄ کان ڇهين کان اٺين جماعت تائين ڪلاس کولڻ جو اعلان، هفتي ۾رڳو آچر ڏهاڙي ڪاروبار بند رکڻ جو پڻ اعلان. ملڪ ۾ ڪورونا سبب 34 ڄڻا فوت ٿي ويا، 1019ٽيسٽ پازيٽو، سنڌ ۾13 مريضن دم ڏنو، سنڌ ۾ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏني وئي، رپورٽ موجب ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جنهن کانپوءِ هفتي ۾2 ڏينهن بدران رڳو آچر ڏهاڙي ڪاروبار بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته اين سي او سي مطابق ڪاروبار بند ڪيو ويندو، هاڻي رڳو آچر ڏهاڙي ڪاروبار بند هوندو، جڏهن ته ٻيا ڏينهن کليل هوندو، ڊرائيونگ لائسنس لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏني وڃي، وڏي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، هوڏانهن تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ڇهين کان اٺين جماعت جا ڪلاس کليا آهن، صورتحال ۾بهتري اچي،پرائمري ڪلاس 21هين جون کان پڻ کوليا ويندا، ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾منظوري کانپوءِ سڄي صوبي ۾اڄ کان تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو. جڏهن ته صورتحال بهتر ٿيڻ کانپوءِ پرائمري کان پنجين جماعت تائين تدريسي عمل 21 جون کان شروع ڪنداسين، سمورن ڪلاسن ۾حاضري 50 سيڪڙو هوندي، جڏهن ته اسڪولن جي سموري عملي جي ويڪسينيشن ٿيڻ لازمي هوندي، ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، ڪورونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ تحرڪ وٺڻو پوندو. هوڏانهن ملڪ ۾ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 34 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 1019 ڪيس پازيٽو آيا آهن. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 13 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 479 ڪيس سامھون آيا ۽ 643 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. اھا ڳالھھ اڄ سومر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12382 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 479 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن يعني تشخيص واري شرح 3.9 سيڪڙو بڻجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 13 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جنھن کانپوءِ گڏيل انگ 5256 ٿي ويو آھي يعني فوتگيءَ واري شرح 1.6 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4298465 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 328646 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 643 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 300089 مريض صحتياب ٿيا آھن يعني بحاليءَ واري شرح 91.4 سيڪڙو بڻجي ٿي. ھن چيو تھ ھن وقت 23301 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 22590 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 686 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 25 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 633 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 51 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي تھ صوبي جي 479 ڪوويڊ ڪيسن مان 229 ڪراچي شھر مان رپورٽ ٿيا آھن. ضلعيوار انگ اکر بيان ڪندي ھن وڌيڪ چيو تھ اوڀر ڪراچي ۾102، ڪراچي سينٽرل 49، ڪراچي ڏکڻ 36، مٽياري 36، حيدرآباد 33، نوابشاھھ 28، ملير 21، ميرپورخاص 17، ٿرپارڪر 16، سانگھڙ 16، ڪورنگي 15، ڄامشورو 14، نوشھروفيروز 11، بدين 10، ٺٽو 9، ٽنڊو الھيار 9، جيڪب آباد 9، قمبر 8، عمرڪوٽ 7، ٽنڊو محمد خان 6، ڪراچي اولھھ 6، لاڙڪاڻو 5، دادو 4، سکر 3 ۽ گھوٽڪي ۾ 2 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي.
