183

عمران خان کي آءِ ايم ايف ملازمن بجيٽ ٺاهي ڏني،عوام جو معاشي قتل عام ڪيو ويو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عمران خان کي آءِ ايم ايف ملازمن بجيٽ ٺاهي ڏني، عوام جو معاشي قتل عام ڪيو ويو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته سليڪٽيڊ بجيٽ تي ڪنهن به قسم جو غور ويچار ڪرڻ کانسواءِ جيئن جو تيئن پيش ڪئي آهي، جڏهن ته سڌو سنئون ٽيڪسن جي بدران اربين رپين جا اڻ سڌي طرح اربين رپين جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن، عمران خان جي چوري پڪڙجي پئي آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ عام ماڻهو جي استعمال جي هر شيءِ تي اربين رپين جو ٽيڪس لڳايو آهي، مهانگائي جي نئين سونامي ايندي، جڏهن ته پيٽرول تي 20 رپيا في ليٽر ۽ کنڊ تي 7 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، اسان عوام دشمن بجيٽ کي ناڪام بڻائينداسين. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جڏهن ڪمپنيون ڪچي تيل ۽ ايل اين جي تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڏينديون ته پيٽرول ۽ گئس جون قيمتون وڌنديون ۽ اڻ سڌي طرح ٽيڪس جو بار عوام ڀوڳيندو، ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ عوام آن لائن خريداري شروع ڪئي ته عمران خان ان تي به سيلز ٽيڪس لڳايو. عوام ماڻهو آخرڪار ڪيڏهن وڃي، هي علميو ناهي ته ڇا آهي ته وطن کان پري رهندڙ پاڪستاني ملڪي برآمد کان وڌيڪ ناڻو موڪلي رهيا آهن. هوڏانهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته شهباز شريف جي تقرير روڪي ٻاراڻي حرڪت ڪئي وئي آهي، تقرير ان ڪري روڪي ته جيئن حقيقي انگ اکر لڪي سگهجن، پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته بجيٽ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجو ووٽ شهباز شريف کي ڏنو آهي، اسپيڪر خلاف ڪارروائي تي به ووٽ شهباز شريف کي ڏينداسين، ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏينداسين. هوڏانهن پيپلزپارٽي سنڌ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ٿيو، پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر  فريال ٽالپر، نثار کهڙو، سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين پيپلزپارٽي جي سمورن وزيرن اسيمبلي ميمبر، صلاحڪارن ۽ خصوصي معاونن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو کي اين ايف سي ۽ ترقياتي بجيٽ، پاڻي جي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. بلاول ڀٽو کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ مردم شماري گهٽ ڏيکاري وئي آهي، جنهن ڪري وسيلا به گهٽ ملن پيا، ٽي ٽي لنڪ ڪئنال کولي ڄاڻي واڻي سنڌ جي 60 سالن جي تاريخ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. ارسا جي ناانصافي تي سنڌ ۾ معاشي حملو تصور ڪيون ٿا، سنڌ جي روزگار جي حق تي حملو ڪيو ويو آهي، وسيلن تي ڌاڙو هڻي پئسا پنهنجي سياسي مهم لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي معاشي قتل جي ڪوشش ۽ سنڌ تي معاشي حملي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو