201

غوثپور ۾ ڌاڙيلن جو پوليس موبائيل تي حملو، فائرنگ، هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 3 سخت زخمي

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي سنڌ ڌوڙو وٽ انڊس ھاءِ وي غوث پور ٿاڻي جي حد ۾ معمول جي گشت دوران صبح جو اسر جو موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن پوليس موبائيل مٿان حملو ڪري ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني، گوليون لڳڻ ڪري خيرپور واسي پوليس اھلڪار سجاد خاصخيلي موقعي تي شھيد ٿي ويو. جڏھن ته 3 پوليس اھلڪار نظير احمد، سڪندر  علي ۽ محمد اسلم زخمي ٿي پيا، زخمي اھلڪارن بھادري جو مظاهرو ڪندي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏوھاري ھٿياربند فرار ٿي ويا. زخمين ۽ شھيد اھلڪار جو مڙھ اسپتال آندو ويو. اھڙي واقعي جي اطلاع  تي فوري ايس ايس پي امجد شيخ اسپتال پھچي ويو. زخمي اھلڪارن کي سکر منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي آفيس ۾ آر پي او سکر ڊاڪٽر ڪامران فضل ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪچي اندر ڏوھارين جي خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو، ڪچي جي جھنگ کي صاف ڪيو پيو وڃي، آپريشن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا رڪاوٽ نه آهي، ڪچي ۾ آپريشن لاءِ ڊبل چادر اي پي سي چين گاڏيون پھچي ويون آهن، ڏوھاري گينگز جي خلاف سنڌ پوليس ئي ڪافي آهي، ضرورت پئي تي فوج کان مدد ورتي ويندي، شھيد اھلڪارن جي مدد لاءِ سنڌ حڪومت جي پاليسي موجود آهي، جيڪي وارثن کي نوڪري، مسلسل پگھار ڏيندي شھيد اھلڪارن جو خون رائيگان نه ويندو، شڪارپور جي ڪچي ۾ به اسين آپريش ڪري رھيا آهيون، عورتن ٻارن جي زندگي کي بچائي ڏوھارين جو خاتمو ڪرڻ چاھيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو