ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد ريلوي جي زمين تي قبضي بابت ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد جي سيڪريٽري ريلوي کي ڇنڊ پٽي، چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جي دور ۾ 2 هزار ماڻهو ٽرين حادثن ۾ فوت ٿيا، توهان جا مزا آهن، ماڻهو ڀلي مرن، توهان ته سيڪريٽري لڳا پيا آهيو، توهان ريلوي جي زمين کپائڻ ۾ لڳا پيا آهيو ته پئسا کيسن ۾ ڪيئن وجهڻا آهن، ريلوي کي زمين وڪرو ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ناهي، حادثي کانپوءِ ريلوي وارا اُتي پهچي ويندا آهن، فوت ٿيلن جي پونيئرن لاءِ 15-15 لک رُپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو ويندو آهي، ماڻهن کي توهان جا 15 لک نه، پنهنجا والدين ۽ پيارا گهرجن، ريلوي وزير جي پريس ڪانفرنس ڏٺي، مون کي لڳو ته ٽرين حادثي کانپوءِ وڏو وزير ۽ سيڪريٽري ريلوي استعيفيٰ ڏيندا، پر ائين نه ٿيو، هي رڳو ماڻهن کي مارائي رهيا آهن. عدالت چيو ته ڪراچي کان سکر تائين ريلوي ٽريڪ 82 سيڪڙو خراب آهي، ٽريڪ مسافرن لاءِ خطرناڪ ۽ ناقابل استعمال آهي، چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم کي پاڻ هي معاملو ڏسڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ريلوي تي وفاقي حڪومت کان ٻن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي.
119