122

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ججز جي مقرري سي ايس ايس ذريعي ڪرڻ واري اپيل خارج

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اعليٰ عدليه جي ججن جي مقرري، امتحان ۽ انٽرويو جي ذريعي ڪرڻ واري اپيل خارج ڪري ڇڏي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ غلام ياسين ڀٽي جي اپيل خارج ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾اعليٰ عدليه جي ججز جي مقرري لاءِ سي ايس ايس جو طريقو اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي، درخواستگذار جو موقف هو ته سڀني هاءِ ڪورٽس ۾ وڪالت جو 10 سالن جو تجربو رکندڙ ماهر هر وڪيل جج بڻجڻ جي اهل آهي ان ڪري اميدوارن جون درخواستون طلب ڪرڻ جو باقاعده طريقيڪار موجود هئڻ گهرجي، لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ چيو ته امتحانن ۽ انٽرويو جي ذريعي ججن جي مقرري، آئين جي آرٽڪيل A175 جي روشني ۾ عجوبو آهي، عدالت قرار ڏنو ته آرٽيڪل A175 کان سواءِ ڪو طريقيڪار اختيار ڪرڻ آئين جي مينڊيٽ ۾ مداخلت جي برابر هوندو، آئين جو آرٽيڪل A175 اعليٰ عدليه ۾ ججن جي مقرري جو باقاعده طرقيڪار فراهم ڪري ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو