ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ گرين لائين بس سروس ڪيس ۾ ڊي جي ايف ڊبيلو او 16 جون تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين احمد تي مشتمل 3 رڪني بئنل جي روبرو گرين لائين بس سروس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿيل عدالت ڊي جي ايف ڊبيلو او کي 16 جون تي سپريم ڪورٽ ۾ طلب ڪري ورتو.
