ليکڪ: ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر
ٻارهين هجري صدي / ارڙهين عيسوي صدي تصوف جي حوالي سان تمام اهم آهي. سنڌ هن دور ۾ اسلامي تصوف جو خاص مرڪز هئي. ڪيترن ئي اهل دل انسانن، عالمن ۽ اساسي شاعرن جو تعلق هن صديءَ سان آهي. انهن معروف عالمن، بزرگن ۽ شاعرن ۾ حضرت سلطان اولياء خواجه محمد جو مقام منفرد ۽ اعلى آهي، چوٿين ذوالقعد 1188هه سندن وصال جو ڏينهن آهي. سندن طريقتي تعلق نقشبندي مجددي سلسلي سان آهي، جيڪو يارهين هجري صديءَ کان سنڌ ۾ رائج ٿيو هو. هتي نقشبندي سلسلي جي ارتقا ۽ عروج تي مختصر نظر وجهجي ٿي. نقشبندي سلسلي جو بنيادي تعلق خليفه اول حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه ذريعي حضرت محمد صه سان جڙي ٿو. هن سلسلي جي تعليم موجب تزڪيا نفس، شريعت اسلام جي پابندي ۽ ڳُجهو ذڪر قلبي لازمي آهي. سماع هن سلسلي ۾ بلڪل جائز نه آهي، تاريخ ۾ نقشبندي سلسلي جي حسبي لڙهيءَ ۾ انمول هيرن جو ذڪر قلمبند آهي. واضح رهي ته آمد اسلام جي ابتدائي عرصي ۾ نه فرقا هئا نه ئي تصوف جي نالي ڪنهن تحريڪ جو بنياد پيو هو. جڏهن تصوف جو باقائده بنياد پيو هو تڏهن ڪوبه صوفي سلسلو نالي سان قائم نه هو. آهستي آهستي جيئن بزرگن ديدار الاهيءَ لاءِ جدا جدا ذڪر ۽ فڪر جا نمونا اختيار ڪيا تيئن ڌار ڌار طريقا وجود ۾ ايندا ويا. جيڪي اسلام اندر تصوف جا طريقا پيدا ٿيا تن ۾ شروع کان ئي وڏي هم آهنگي ۽ پنهنجائپ رهي هئي ۽ اڄ به قائم آهي. جيتوڻيڪ اسلام جي سڀني فرقن توڙي صوفي طريقن جو مرڪز ۽ محور الله ۽ رسول جي ذات ئي آهي، تصوف جي مختلف طريقن ۾ ته ڪوبه اختلاف نه آهي سڀ هڪ ٻئي سان گڏجي ويهن ٿا پر اهم ڳالهه اها آهي ته جيڪي انتهاپسند ۽ ڪٽرپڻو رکندڙ مختلف فرقن ۽ مذهبن جا ماڻهو آهن سي به اهل تصوف اڳيان سڀئي اختلاف ۽ ويڇا وساري، سندن آستانن تي اچي جام محبت پين ٿا، اهو جيڪو بنا مذهب، فرقي ۽ ذات پات جي انساني اتحاد پيدا ٿئي ٿو سو صوفين جي تعليم ۽ تربيت، صحبت ۽ محبت جو وڏو ڪمال ۽ نتيجو آهي. اهل تصوف جي اهڙي اعلى ڪارنامي کي دنيا جو هر باشعور طبقو ساراهڻ تي مجبور آهي، بهرحال جيئن ذڪر ٿيو ته نقشبندي سلسلي جو بنياد حضرت ابوبڪر صديق رضه وسيلي حضرت محمد صه جن جي ذات آهي. ٽئين هجري صدي / نائين عيسوي صديءَ جي معروف بزرگ بايزيد بسطاميءَ جو حسبي تعلق به هن ئي سلسلي سان هو. پاڻ ايران جي شهر بسطام جو رهاڪو هو. سندس علم ۽ فيض سان عرب ۽ عراق سان گڏ ايران جي سرزمين اسلامي تصوف بلڪه هن سلسلي جي تعليمات جو مرڪز ۽ محور بني هئي. هي پهريون صوفي هو جنهن فنا جي اصولن جي سمجهاڻي ڏني هئي ۽ اڪثر استغراق جي حالت ۾ رهندو. کانئس هي شطع صادر ٿي هئي ته “سبحاني ما اعظم شاني”(آئون سبحان آهيان ۽ منهنجو اعلى شان آهي). تصوف ۾ اهڙي اظهار کي شطع چئبو آهي جيڪو همه اوست يعني وحدت الوجود جو روح آهي. بايزيد بسطاميءَ کان پوءِ چوٿين ۽ پنجين هجري صديءَ ۾ هن سلسلي جي مشهور بزرگ ابوالحسن خرقاني ايران جي شهر خرقان کي مرڪز بنائي تصوف جي تعليمات کي عام ڪيو هو. سندس شهرت جو پڙاڏو پري تائين پکڙيو هو. سلطان محمود غزنوي ۽ معروف مؤرخ ۽ فلاسافر ابو علي سينا خرقان ۾ ساڻس ملاقاتي ٿيا هئا. پنجين صديءَ ۾ اسلام ۽ تصوف جي اهم مبلغ امام غزاليءَ جو نالو ملي ٿو جنهن جي پڻ هن سلسلي جي بزرگ ابو علي فضل بن محمد فارمدي طوسيءَ سان طريقتي نسبت هئي. ائين هي سلسلو ارتقا جون منزلون ماڻيندي، مختلف ماڳ ۽ مرڪز قائم ڪندي ڇهين / ٻارهين صديءَ ڌاري وچ ايشيا ۾ داخل ٿيو هو. اتي خواجه عبدالخالق غجدواني بخارا شهر ويجهو غجدوان ۾ پيدا ٿيو هو ۽ ابو يوسف همدانيءَ کان روحاني فيض حاصل ڪري وچ ايشيا ۾ تصوف جي تبليغ ڪئي هئي. اتي هي سلسلو “خواجگان” نالي مشهور ٿيو هو. تذڪرن ۾ اچي ٿو ته “خواجگان” نالي کان پوءِ نقشبندي بزرگن کي خاص طور تي “خواجه” جي لقب سان سڏيو ويندو آهي. خواجه عبدالخالق “خواجگان” سلسلي ۾ هي اٺ اصول قائم ڪيا هئا 1. هوش دردم 2. نظر برقدم 3. سفر در وطن 4. خلوت درانجمن 5. ياد ڪرد 6. بازگشت 7. نگاهه داشت 8. ياد داشت. هي اٺ اصول اڄ به نقشبندي سلسلي جي خاص سڃاڻپ بلڪ ان عمارت جا اهم ٿنڀ آهن. مختلف تذڪرن ۾ انهن مڙني اصولن جي جدا جدا سمجهاڻي به ڏنل آهي.
————————————————(هلندڙ)