196

علي نواز ڳوٺ جا هيرو ڳوٺاڻا ۽ پنهنجي سرڪار…

ليکڪ: وسعت الله خان

ڳوٺ علي نواز جي عين سر مٿان صبح جو ساڍي 3 وڳي جي لڳ ڀڳ ڌماڪو ٿيو، ريلوي لائين کان ساڍا 500 گز پري ستل گهرن جا مرد آواز طرف ڊوڙي پيا ۽ پوءِ ڀرپاسي وارا به پهچڻ لڳا، ريلوي ٽريڪ جي ٻنهي طرفن کان اونڌيون ٿيل مسافر بوگين ۾ ڦاٿل ڪجهه انسان مري چڪا آهن ۽ ڪجهه ٿوري دير ۾ مرڻ وارا آهن، جيڪي مري ويا سي مري ويا، پر هاڻ مسئلو زندگي ۽ موت جي ٻٽي رسيءَ تي جهولندڙ زخمين جو آهي، ڳوٺ وارن کي حالتون سمجهڻ ۾ بس چند منٽ لڳا، ڪنهن ڪنهن کان نه پڇيو ته هاڻ ڇا ڪريون، جنهن کي جيڪو ٿانو هٿ ۾ آيو، ان ۾ پاڻي ڀري زخمين جي اڃ اجهائڻ هليا آيا، ڳوٺ جون موٽرسائيڪلون خبر ناهي ڪهڙي هنگامي ايمبولينسن ۾ تبديل ٿي ويون، انهن جوانن کي ڪا به تربيت نه هئي ته ڪهڙي زخمي کي ڪيئن ڪرڻو آهي، بس اندازو هو ته هڪ هڪ سيڪنڊ ڳرو آهي، انهن زخمين مان جيترن کي به  جيئن تيئن ڪري ويجهي صحت مرڪز پهچايو وڃي ته شايد جان بچي پوندن، ڪجهه ماڻهن ڏٺو ته ڪجهه بي سڌ مسافر کلي آسمان هيٺ پيا آهن ته ڀڄي وڃي هنڌ جون چادرون، اجرڪ ۽ کيس گڏ ڪري کڻي آيا ۽ بي ساهه جسمن تي وجهندا ويا، پر تجسس ٻار زندگي ۽ موت جو دلچسپ تماشو ڏسڻ بدران حادثي واري هنڌ ۽ ڳوٺ جي وچ ۾ ڪڏهن پاڻ مرادو سپلاءِ لائين بڻجي ويا، عورتن لاءِ انتهائي ڏکيو هو ته گهر ٻار ڇڏي لاچارن جي مدد لاءِ پنهنجي مردن جي اجازت کانسواءِ ٻاهر نڪرن، پر انهن به فوري طور تي ڪم ڳولهي ورتو، جيترو به اٽو هو ڳوهي توا چاڙهي ڇڏيائون، ڪٽلين ۾ چانهه جو پاڻي اٻرڻ لڳو، شايد مال به ڀانپي ويو هو ته اڄ سندن کير جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت پوڻ واري آهي، گهرن جي مردن کي جنهن جنهن ميسر اوزار جي ضرورت هئي، ڇوڪرين اهو ڳولي ڳولي ڏنو، ڪجهه نوجوان ڪٿان کان ڪٽر بوگيون ڪٽڻ لاءِ به کڻي آيا، ٻارن ٻچن ڪچن آڳرن ۾ گهر کان ٻاهر وڻن جي هيٺان کٽون رکي رليون وڇائي ڇڏيون، خبر ناهي ڪڏهن ڪنهن کي ضرورت پئجي وڃي، علي نواز جي گهر ۾ عورتن، ٻارن ۽ جوانن سميت 12 ڄڻا هئا، انهن سڀني کي منظم ڪرڻ ۾ وڌ کان وڌ 5 منٽن لڳا هوندا، سندس زال حبيبا بورچي خاني جي ڪمان سنڀالي ورتي، ڪيترا ڪلاڪ اها بورچي خاني ۾ رهي اهو ته کيس ياد ناهي بس ايترو ياد آهي ته مانيون ٺاهيندي ٺاهيندي ۽ چانهه چانهه ڪاڙهيندي ڪاڙهيندي هن جا هٿ ڪارا ٿي ويا هئا. 6، 7 ڪلاڪن کانپوءِ امداد ٽيمون به پهچڻ شروع ٿي ويون ۽ پوءِ مقامي ميڊيا به اچڻ لڳي، هاڻ ڳوٺ وارن لاءِ هڪ ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو، امدادي ٽيمون سندن مهمان آهن ۽ مهمانن جي اڃ، بک ۽ آرام جي ضرورت لاءِ پڇيو ٿوري ويندو آهي، جيڪو ٿڪو ٿي اهو کٽ تي آهلي ٿي پيو، چانهه ته سڀني جي اهم ضرورت آهي ۽ ماني؟ اها ته گهرجي ئي گهرجي، ڪا ٽيم پاڻ سان اهو سڀ ٿوري کڻي ايندي آهي. اهو آپريشن جيترا به ڪلاڪ هلندو رهيو، ننڍڙو ڳوٺ علي نواز ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺ ان آپريشن تي پنهنجي طاقت آهر امدادي ڇٽي بڻيل رهيا، جيڪي به ماڻهو اتي پهتا انهن مان شايد ئي ڪنهن هن ڳوٺ وارن کان سندن حال پڇيو هجي، انهن رپورٽن لاءِ بس ايترو ڄاڻڻ ڪافي هو ته ڏهرڪي کان 25 ڪلو ميٽر پري اونڌيون ٿيل 2 ٽرينون، هيترا ماڻهو مري ويا، هيترا زخمي، ڦلاڻن ڦلاڻن ادارن امدادي سرگرميون ڪيون، وغيره وغيره. چانهه ڪنهن ٺاهي، ماني جو ڪنهن پڇيو، پاڻي جو گلاس ڪنهن ڏنو، شايد انهن پرڏيهين کي حادثي واري هنڌ تان رخصتي کانپوءِ هڪ جي شڪل به ياد نه هجي، اهڙي هر حادثي جو ذميوار انساني غلطي يا ٽيڪنيڪل خرابي، ڪنهن کي معطل ٿيڻو آهي، ڪنهن جي ترقي ٿيڻي آهي، وارثن کي ڪيتري رقم ملندي، ڪڏهن ملندي ۽ ڪيترا جوتا گسائي ملندي، زخمين جو مڪمل علاج سرڪار ڪرائيندي يا زخمي، پنهنجي بازار مان پاڻ لوڻ خريد ڪندا، ڪهڙي امدادي ٽيم جان فشاني ڏيکاري ۽ انهن مان ڪير ڪير آزمائش جي ان گهڻي جو هيرو آهي. اڳتي اهڙا حادثا روڪڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي؟ ڇا ٻڌائڻو آهي؟ ڇاڇا لڪائڻو آهي؟ حقيقتن جي کير ۾ ڪيترو پاڻي ملائڻو آهي، اهو سڀ حڪومت جي سوچڻ لاءِ آهي. ڇو ته حڪومت ڪجهه ڪري يا نه ڪري پر سوچي گهڻو ٿي، ڇا  پوڙهو علي نواز ڄاڻي ٿو ته ان جي ڳوٺ سميت ڀرپاسي جو هر ڳوٺ هيرو آهي؟ ان کي ضرورت ئي نه آهي اهو ڄاڻڻ جي آهي، اها وصف ته هر ڳوٺاڻي جي رت ۾ آهي، علي نواز ته اهو به نه سوچيو ته اهڙو اهم ڪم ڪرڻ کان اڳ پنچائت جو اجلاس گهرائي مناسب رهندو نه، پنهنجي کيسي ۾ هٿ ڦيرائي پئسا ڳڻڻا پوندا، پنهنجي وسيلن جي چادر ماپڻي پوندي، فردي قوت جو جائزو وٺڻو پوندو، ان کي ڀلا ڪٿي معلوم هوندو ته في زمانا في سبيل الله ڪم ۾ هٿ وجهڻ ئي ڪافي نه آهي، ان جو باقاعده خرچن وارو وائوچر ٺاهي سرڪار کي پيش ڪيو وڃي ٿو، اهڙي بي لوث ڪم جي شروعات کان اڳ يا پوءِ فوٽو سيشن ۽ ٻه ڪالمي خبر لاءِ ڀڄڻو ڊڪڻو پوي ٿو ۽ سهڪي سهڪي انٽرويو لاءِ ڪئميرا جو جو انتظار ڪرڻ ۽ پنهنجي مدد کي ميڊل وانگر لهرائڻ به ايترو ئي ضروري آهي. هي اڻ پڙهيل ۽ اڌ پڙهيل ڳوٺاڻا ڀلا اهي سڀ چالاڪيون ڇا ڄاڻين ۽ ڇا سمجهن، انهن کي ته بس فطرت هڪ ئي ڪم سيکاريو آهي، ته ڪو مصيبت ۾ هجي ته پهريان ڪجهه ڪري وٺو، سوچڻ لاءِ ته زندگي پئي آهي، اها اها وصف آهي، جنهن کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ ڪنهن به رياستي بابو ۽ بابوگير جي حڪومت جي اوقات کان ٻاهر آهي.(هن ڪالم جو بنيادي خيال اي ايف پي جي هڪ فيچر اسٽوري پڙهي آيو)

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو