124

پاڻي جي حقيقي ورڇ نيٺ ڪڏهن ٿيندي…؟؟

ليکڪ: رياض ابڙو 

پنجاب جي بالادستي ۽ ارهه زورائي روز روز وڌي رهي آهي، ايستائين جو گڏجاڻين جا اصول ۽ ضابطا به ناهن، جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڳالهائي، ڪري، معدني وسيلن تي قبضا ڪري، ڪير به پڇڻ وارو ڪو نهي، جتان تيل لڀي اتان جا ماڻهو ٽرانسپورٽ لاءِ سڪن، جتان گئس نڪري اتان جا رهواسي ڪاٺيون ٻارين، اهي ڀلي سياري جي ٿڌ ۾ ڏڪندا رهن، اهي معدني وسيلا ملڪ کي ڪمائي ڏين، قومي ناڻي ۾ واڌ ڪن، اهي جي ڊي پي ۽ گراس نيشنل پراڊڪٽ وڌائين، پر انهن معدني وسيلن جي ڪمائي تي سنڌ ۽ بلوچستان جو حق ناهي ته اهي انهن جي رائلٽي تعليم تي خرچ ڪري سگهن، پيئڻ جو صاف پاڻي پي سگهن، اهي پئسا ۽ دولتون وري پنجاب جي شهرن تي خرچ ٿين، ائين ئي اسان جو سمنڊ، صوبائي وسيلا، صحت ڪارڊ، لائيف انشورنس، اسان جي ڌرتي جا رهائشي منصوبا به ٺٽي، سجاول، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ جي ڀرپاسي جون زمينون، مطلب ته هر شيءِ تي اسان جو حق نه آهي، هتان جا ذريعا، وسيلا، ڪمايون،ٽئڪس، پئسا، سامونڊي جهاز، بحري ٻيڙا، ڪهڙي شيءِ ڳڻائجي سڀني تي حق اسان بدران ٻين جو آهي، ادارا، بئنڪون، فيڪٽريون ۽ ڪمپنيون پنجاب جون، وڏن عهدن تي مالڪي به انهن جي ۽ هاڻ ادارا خانگائيندا ته به انهن جا، اسان ته رڳو نوڪر ٿي رهجي ويا آهيون، پاڻي جي ورڇ جا الڳ سور آهن، حالت ته اها آهي ته هاڻ پنجاب ڪنهن به ٺاهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.اسان جا وهندڙ ڪئنال رڳو ڪاغذن ۾ آهن ته 6 ماهي وهن ٿا، پر صحيح طريقي سان 3 مهينا به نٿا وهن، هن وقت هاري ٽيوب ويلن تي ٻيجارو ڪن ٿا، انهن کي مشڪل سان 2 مهينا پاڻي ملي ٿو، جيڪي خريف جا فصل ڪن ٿا ۽ ڪڻڪ جي فصل معنيٰ ربيع جي مڙني فصلن لاءِ به پاڻي اڻلڀ آهي، ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ناهي، زرعي زمينن کي پاڻي نٿو ملي ته پوءِ هارين کي سبسڊي ڏيڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مطلب ته اها سبسڊي به رڳو پنجاب کي ئي ملندي، مطلب ته ڪمائي سنڌ ۽ بلوچستان ۽ کائين پنجاب ۽ ڪي پي ڪي، ترقي جي نالي تي اسان جا ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪيا وڃن ۽ اتي وري آباد غير سنڌي ٿين ۽ جيڪي ماڻهو هتي آباد ٿين ٿا، انهن جا ووٽ به هتي داخل ٿا ٿين، سڀاڻي اهي اسان مٿان حڪومت ڪندا، منگلا ڊيم ۾ 441000 ايڪڙ فٽ پاڻي رهي ٿو، وري تربيلا ڊيم ۾ 200000 ايڪڙ پاڻي موجود هجي ٿو ۽ چشما ڊيم ۾ 112000 ايڪڙ پاڻي جمع ٿئي ٿو، پر هي ارسا جي 1991ع واري ٺاھ تحت پاڻي صوبن کي ڏين ئي نه ٿا، نه خريف جا فصل اسان وٽ صحيح پاڻي پي ٿا سگهن نه ئي ربيع جا فصل،80ع واري ڏهاڪي ۾ اهو هوندو هو ته پاڻي جي جهجهي انداز ۾ هجڻ جي ڪري رهيل پاڻي ٻيلا پيئندا هئا جنهن جي ڪري ٻيلا به ساوا ۽ اباد لڳا پيا هوندا هيا ۽ 6 مهينن تائين ساريالي فصل جي لاءِ پاڻي وهندو رهندو هو جنهن سان ”ايڪو سسٽم“ تباھ نه هو، معنيٰ ٻيلن جي ساوڪ جي ڪري گرمي پد صحيح رهندو هو، برساتن جي گهڻي انداز ۾ وسڻ جي ڪري ٻيلن ۾ وڻن جو اسرڻ به رڪبو نه هو، پر هاڻوڪي سوڪهڙي جي ڪري اهي ٻيلا تباھه ٿي ويا آهن، ڪجهھ رهائشي علائقن جي ور چڙهي ويا وري ڪجهھ ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا جن انهن ٻيلن کي لڻي لاٿو ۽ زرعي زمينن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو وري ائين ٿئي ٿو جڏهن پنجاب ٻڏي ٿو ته سڄو پاڻي اسان ڏانهن موڪليو ڇڏي ۽ هتي ٻوڏ ٿيو وڃي.

1993ع کانپوءِ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي اچي ئي نٿو، هاڻ ته ڪئنال ۽ واهه به سڪي ويا آهن، ارسا جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ته پنجاب 1993 ع کان ڪندو ٿو اچي، معنيٰ انهن سالن ۾ ۽ ان کان مسلسل پوءِ اسان کي 16 سيڪڙو حصي واري پاڻي کان گهٽ مليو، ڇو ته کوٽ به اسان جي کاتي ۽ واڌ به اسان جي کاتي ۾، وري ساڳي کوٽ پنجاب اسان جي لاءِ 2000ع کانپوءِ 48 سيڪڙو تائين پڄائي، جو ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي آهستي آهستي گهٽ ڪندو ويو، ۽ خاص وري ربيع جي فصلن لاءِ پاڻي جي الڳ کوٽ، لاڙڪاڻي، دادو ۽ خيرپور ضلعن ۾ ته هارين هاڻي سولر پينل هڻي پنهنجا ٽيوب ويل هلائڻ شروع ڪيا آهن جيڪي پهرين ڊيزل ۽ پيٽرول تي هلندا هئا، ان ڪري ٽيوب ويلن جي لڳڻ ۽ مسلسل هلڻ سان لاڙڪاڻي، دادو ۽ خيرپور جي سڄي پٽيءَ ۾ جر جي پاڻي جي سطح ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي ڪرندي.دنيا ۾ توانائي جا ذريعا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن، معني هاڻي پاڻي جي اسٽوريج جا لاءِ ڊيمن جي ڪا خاص ضرورت ان ڪري به ناهي جو ائين چئجي ته هائيڊل بجلي سستي آهي، ان ڪري ڊيمن ۾ پاڻي جمع ڪري وري ان کي ضرورت تحت استعمال ڪجي يا بجلي ٺهڻ جي لاءِ ڪتب آڻجي، پر اسان وٽ ته اها ڪار آ جو هنن گاھ جو نگهبان ته ٻڪري کي ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان بهاني پنجاب پهرين پنهنجن زمينن جي پورت ٿو ڪري پوءِ اهو خريف هجي يا ربيع پر پهرين منڍ تي هجڻ جي ڪري پاڻي جو وڏو حصو ڦٻائي ٿو، باقي جيڪو بچيس ٿو يا جڏهن مونسون جي برساتن ۾ پاڻ ٻڌن ٿا يا ڊيمن کان پاڻي جي سطح چڙهي ٿي وڃي، تڏهن اهو پاڻي اسان جي ڪينالن جي صورت وهائي ٿا ڏين معنيٰ اهو پاڻي جڏهن هزارين ڪيوسڪ ڇڏي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ٿا ڪرائن تڏهن هنن جو ڪچو معنيٰ ملتان کان هيٺ ٻوڏ ٿو آڻي ۽ اسان وٽ به ساڳي حالت ٿي هجي جيئن سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، دادو کان وٺي سڄو ڪچو ٻڏي ٿو وڃي پر اهو به تڏهن جڏهن پنجاب پاڻ ٻڏي، پر اهڙي طرح اهي برساتن جي پاڻي کي جمع نه ٿا ڪري سگهن، ڇو ته برساتون ته سڄي ملڪ ۾ ٿيون ٿين ان ڪري ارسا ۽ تاس معاهدن تي عمل ضروري آهي ته جيئن صوبن جا حق ڦٻائي نه سگهجن. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ مسلسل زيادتيون هلنديون رهيون ته شايد هاڻ ماڻهن جي سهپ جواب ڏئي وڃي، ڇو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ سڀ کان اهم اشو پاڻي آهي، پاڻي تي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۽ علائقن ۾ سخت ڇڪتاڻ هلي رهي آهي، اسان جي سنڌ حڪومت کي به گهرجي ته صوبي ۾ ننڍن ننڍن ڊيمن جي اڏاوت تي ڌيان ڏئي ۽ انهن لاءِ بجيٽ رکي ته جيئن خاص ڪري برساتن جي مند ۾ پاڻي کي گڏ ڪري سگهجي ۽ ٻوڏن ۾ زمينون ٻوڙيندڙ پاڻي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ گڏ ڪجي ته جيئن ان سان آبادگارن ۽ هارين جا فصل به نه ٻڏن ۽ اسان وٽ پنهنجي گهربل ضرورت لاءِ پاڻي به موجود هجي، اسان کي گهڻ طرفي ويڙهه وڙهڻي پوندي، ڇو ته اسان جو دشمن شاطر ۽ چالاڪ آهي، ان سنڌ تي قبضي لاءِ مختلف ڄار وڇائي ڇڏيا آهن ۽ هر هنڌ ان جا اهي ڄار اسان جي ڪمزورين سبب مضبوط ٿي رهيا آهن، اسان نيو ورلڊ آرڊر جي چالاڪين ۽ سازشن جو شڪار آهيون، ان ڪري هاڻ سستي ڇڏي اسان کي هر طرف کان پنهنجي پاڻ کي تيار رکڻو پوندو، جيئن وقت سر اسان به پنهنجي دفاع لاءِ سمورن پاسن کان جواب ڏئي سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو