ليکڪ: محمد اظهر رند
هن سرمائيداراڻي نظام ۾ پورهيت طبقي جي فائدي ۾ بجيٽ هڪ سواليا نشان بڻيل آهي ڇاڪاڻ ته پوري ملڪ جي واپار ۽ خام مال تيار ڪرڻ جي ڪارخانن جا مالڪ ته چونڊيل نمائيندا ئي آهن، جيڪي ڪڏهن به نه چاهيندا ته اسان کي نقصان ٿئي جنهن ڪري اهي پنهنجي مفاد ۾ سالياني بجيٽ پيش ڪندا آهن ، ملڪ جي 74 سالن جي بجيٽ ۾ رڳو انگن اکرن جي هيرا ڦيري ئي ٿيندي آهي جنهن سان غريب ويتر غريب ۽ امير وڌيڪ امير بڻجندو ويندو آهي، غربت ۽ مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ موجوده بجيٽ ۾ به 382 اربين رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن، ان سميت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 160 ارب رپين جي اضافي بار رکڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن سان مهانگائي جو طوفان ايندو، سون، چاندي، دٻي وارو کير تي 17 سيڪڙو ٽيڪس سان 35 ارب رپيا اوڳاڙيا ويندا ۽ اهي پئسا انهن سرمائيدارن جي اڪائونٽ ۾ ئي جمع ٿيندا، انهن سان اهي ئي طاقت ور ۽ خوشحال ٿيندا، پر مزدور طبقو ويتر غربت جي لڪير هيٺ زندگيءَ گذاريندو، فائدو به ڪاروباري طبقي لاءِ آهي ۽ هيءَ بجيٽ ڪارائتي به انهن لاءِ ثابت ٿيندي، بجيٽ ۾ پنجاب کي 500 ارب رپيا، بلوچستان لاءِ 133 ارب رپيا ۽ ڪي پي ڪي لاءِ 248 ارب رپيا رکيا ويا آهن هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته 3 صوبا هڪڙي پاسي ترقياتيءَ بجيٽ ۾ ۽ پنجاب جنهن کي وڏي ڀاءُ جو لقب مليل آهي ان کي 500 ارب رپيا رکڻ سان صوبن ۾ احساسي محرومي وڌنڌي، جنهن سان نفرتون پيدا ٿينديون، هر طرح سان پنجاب کي نوازيو پيو وڃي سنڌ جيڪو پورو سال معدنيات روينو بندرگاهه ۽ فيڪٽرين جو اربين رپيا ٽيڪس وفاق کي ڏي ٿو ان جي بدلي ۾ واپسي نه هجڻ برابر آهي، هن سال اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ صوبن لاءِ 34 کرب 11 ارب روپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ سنڌ کي 848 ارب رپيا پنجاب کي 16 کرب 91 ارب رپيا ملندا جڏهن ته خيبرپختونخوا کي 559 ۽ بلوچستان کي 313 ارب رپيا ان سان گڏ سنڌ کي لولي پاپ جيان ان کي گرانٽ طور تي 19 ارب روپيا ملندا جيڪا تمام گهٽ آهي، هن بجيٽ ۾ سرڪاريءَ ملازم لاءَ پگهار ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ فيڪٽرين جي ملازمن جو گهٽ ۾ گهٽ اجورو 20 هزار رپيا ڪيو ويو آهي پر ڏٺو وڃي ڪيترين ئي ڪمپنين ۽ ڪارخانن ۾ پورهيتن جو اجورو اڄ به 12000 هزار رپيا ۽ ان کان گهٽ آهي، پر مٿي ناهي وڌيو، ان کان اڳ پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار ساڍا 17 هزار رپيا هئي، ان تي ئي عمل نه ٿي سگهيو ته هاڻ 20000 تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ ڇو ته هتي ليبر کاتي سميت سمورا انتظامي عملدار ڪارخانيدارن سان ٻڌل آهن، اهي وزٽ ڪرڻ لاءِ جڏهن ويندا آهن ته پنهنجو مقرر حصو پتي وٺي موٽندا آهن ۽ جيڪڏهن ان ۾ ڪا گهٽتائي نظر ايندي آهي ته ڪارروائي جو چتاءُ ڏئي وڌرائي ڇڏيندا آهن، پورهيت اهو ئي پورهيت آهي اڄ به سڄي سنڌ جي مختلف ڪارخانن ۽ ڪمپنين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حقيقي سروي ڪئي وڃي ته حقيقتون ڏندين آڱرين واريون ظاهر ٿينديون، سمورن صوبن ۾ پورهيتن سان مسئلا آهن، پر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مسئلا آهن ۽ ڪيترائي پورهيت اڄ به 8 کان 10 ۽ 12 هزار رپين تي فيڪٽرين ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن، موجوده بجيٽ ۾ 850 سي سي ڪارون سستيون ڪيون ويون آهن، پر سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن، جيڪي ماڻهو سائيڪل به خريد ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن، اهي ڪارون ڪٿان وٺندا؟ ڪار ته امير ئي وٺي سگهي ٿو، عام شهري لاءِ ڪو به فائدو نه آهي، جيڪو درزي، حجامڪو ڪم ڪندڙ واڍو، تغاري تي مزدوري ڪندڙ آهي، اهو ڀلا ڪار جو ڪٿان ٿو سوچي سگهي، ان کي ته ڏهاڙي جي اجرت ئي ايتري نٿي ملي جو هو ڏهاڙي جو ٻچن جي پورت ڪري سگهي، اهو ڪار جو سوچي به نٿو سگهي، اصل ڳالهه اها آهي ته حڪومت ڏهاڙي طبقي لاءِ هن پگهار ۾ ڇا رکيو آهي؟ جواب ملندو آهي ته ڪجهه به نه، انهن کي ڪو به رليف يا فائدو ناهي ڏنو ويو، 74 سال گذرڻ باوجود ملڪ ۾ اڄ ڏينهن تائين پورهيت دوست بجيٽ پيش ٿي ئي نه آهي، جيڪڏهن اهڙي بجيٽ پيش ٿئي ته ان سان طبقاتي ويڙهه وارو سلسلو ختم ٿئي، بنيادي طور تي هن ملڪ ۾ ان طبقاتي ويڙهه جي ڪري ئي ترقي ممڪن ناهي بڻجي سگهي، جيڪڏهن اسان سڀ چاهيون ٿا ته هي ملڪ ترقي ڪري، دنيا سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي ته اسان کي صحت، تعليم وارن شعبن سميت پوري اندر هڪ اهڙو برابري وارو نظام آڻڻو پوندو، جيڪو احساس محرومي کي ختم ڪري، جيڪو هڪ ئي صف ۾ محمود ۽ اياز کي بيهاري، جيڪو ڏاڍي ۽ غريب لاءِ برابر انصاف ڪري، جيڪڏهن اسان اهو سڀ ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين ته پوءِ ئي ملڪ ترقي جي واٽ وٺي خوشحالي واري منزل تائين پهچي سگهي ٿو.