ايڊيٽوريل
وفاقي حڪومت پنهنجي پيش ڪيل بجيٽ ۾ جتي ان کي غريب دوست ۽ ترقيءَ سميت رليف واري بجيٽ ڄاڻائي رهي آهي اتي اصل خبرون وري ٻيون اچي رهيون آهن، ميڊيا ۾ آيل خبرن مطابق ملڪ ۾ 16 جون کان پيٽروليم مصنوعات مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن کان ڏنل خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوگرا پيٽروليم ڊويزن کي سمري موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پيٽرول 4 رپيا 20 پئسا مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سمري ۾ ڊيزل جي في لٽر قميت 3 رپيا 50 پئسا وڌائڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو تعين موجوده ليوي تي ڪيو ويو آهي، هن وقت پيٽرول تي في لٽر ليوي 4 رپيا 80 ۽ ڊيزل تي 5 رپيا 14 پئسا آهي، حتمي فيصلو خزاني واري وزارت وزيراعظم جي مشوري سان ڪندي، قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي به بحث هلندڙ آهي، ان حوالي سان گذريل ڏينهن مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جڏهن حڪومت جي انگن اکرن کي رد ڪندي انهن کي غلط قرار ڏنو ۽ تقرير ۾ حقيقي انگ اکرن کي سامهون آندو ته حڪومت جي ميمبرن تنقيد ٻڌڻ بدران ان جو گهيراءُ ڪري ورتو ۽ سخت نعريبازي ڪئي، ايستائين جو انهن پنهنجي اسپيڪر جي ڳالهه به نه ٻڌي هو بار بار اهو چوندو رهيو ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جي قوت رکو، پر سندس هڪ به نه هلي ۽ مجبوري ۾ هن کي اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به حڪومتي بجيٽ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي ملازمن بجيٽ تيار ڪري وزيراعظم کي ڏني، مهانگائي جو نئون سونامي اچڻ وارو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته پيٽرول 20 رپيا لٽر ۽ کنڊ 7 رپيا في ڪلو مهانگي ٿيڻ واري آهي، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته بجيٽ بنا ڪنهن غور ۽ فڪر جي جيئن جو تيئن پيش ڪئي وئي آهي، هن چيو ته عام ماڻهو جي استعمال جي هر شيءِ تي اربين رپين جو اڻ سڌو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، جڏهن ڪمپنيون خام تيل ۽ ايل اين جي تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ڏينديون ته پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌنديون ۽ ان اڻ سڌي ٽيڪس جو بار عوام ڀوڳيندو، هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ عوام آن لائن خريداري شروع ڪئي ته حڪومت آن لائن خريداري تي به سيلز ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته بجيٽ هڪڙو اهڙو قومي دستاويز آهي جنهن تي قوم جي هر اسٽيڪ هولڊر طرفان تجويزون اچي سگهن ٿيون ۽ بهتر حڪمران اهو آهي جيڪو عوامي فائدي وارين تجويزن کي نه رڳو قبولي پر ان تي عمل به ڪري، افسوس اهو آهي ته ماضيءَ ۾ مخالف ڌر تقريرن دوران احتجاج ڪري رڪاوٽ بڻجندي رهي آهي پر پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته حڪومتي ڌر مخالف ڌر کي تقرير ڪرڻ نه ڏئي يا ان ۾ ڪا رڪاوٽ وجهي، اها وڏي ۾ وڏي بدقسمتي آهي ته پارليامينٽ اندر بهتر روايتون وجهڻ بدران هڪ اهڙو بگاڙ آندو پيو وڃي جيڪو شايد پارليامينٽ جي اهميت کي ئي گهٽائي ڇڏي، موجوده حڪومتي سربراهه ته هونئن به پارليامينٽ کي ڪجهه به نٿو سمجهي، پر اسان سمجهون ٿا ته اهي روايتون نه جمهوري آهن ۽ نه وري جمهوري قدرن جون پاسدار آهن، ان ڪري حڪومت کي سنجيدگي سان مخالف ڌر جي تجويزن ۽ تقريرن کي ٻڌڻ گهرجي ۽ ان مان عوامي فائدي وارين شين کي قبولڻ به گهرجي، ڇو ته بجيٽ سرڪار جي نه ۽ سرڪار لاءِ نه پر عوام لاءِ هوندي آهي ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته عوام ئي طاقت جو اصل سرچشمو آهي، ان ڪري عوامي فائدي لاءِ حڪومت کي هن قومي دستاويز کي وڌيڪ آسان بڻائڻ لاءِ وڏي دل ۽ سهپ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ وڌيڪ مهانگائي کي روڪڻو پوندو.