ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اپوزيشن گوڙ ۽ نعريبازي دوران ايندڙ سال جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ سيد مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن دوران اپوزيشن سخت گوڙ ۽ نعريبازي ڪئي، جڏهن ته پ پ ميمبرن وڏي وزير کي حفاظتي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو، بجيٽ تقرير دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مالي سال 22-2021 لاءِ صوبي جي بجيٽ جو ڪاٿو 1477 ارب 90 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، سنڌ جي آمدني جو ڪاٿو 1452 ارب 16 ڪروڙ 80 لک رپيا آهي، ائين بجيٽ خساري جو ڪاٿو 25 ارب 73 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، بجيٽ ۾ ڪنهن نئين ٽيڪس جي تجويز ناهي، ترقياتي خرچن ۾ 41.3 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فلاحي منصوبن لاءِ 293 ارب رپيا رکيا ويا آهن.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو، جڏهن ته پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪري رهيا آهيون، مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، گريڊ هڪ کان پنج تائين سرڪاري ملازمن جون پگهارون 25 هزار رپيا ماهوار هونديون.
175