211

مديني جي رياست جو نعرو لڳائي عمران خان ماضي جي ظالم بادشاهن جي سلطنت قائم ڪري ورتي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مديني واري رياست جو نعرو لڳائي عمران خان ماضي جي ظالم بادشاهن جي سلطنت قائم ڪري ورتي آهي، پنهنجي بيان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پگهاردار طبقي مٿان 150 ارب روپين جو انڪم ٽيڪس لڳائڻ جي آءِ ايم جي مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي تاريخ جي سڀني کان ڪرپٽ حڪومت سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس لڳائي عوام جي کيسن تي اربين روپين جو ڌاڙو هڻڻ جي منصوبه بندي ڪري ورتي آهي. عام ماڻهو جي معاشي چيلهه ڀڃڻ جي لاءِ عمران خان جي حڪومت پينشن ۽ پروويڊنٽ فنڊز تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي، هن چيو ته بجيٽ 22-2021 هڪ اهڙو  دستاويز آهي جنهن ۾ عوام جي کيسن مان  پئسا ڪڍي مخصوص سرمائيدارن کي ايمنسٽي ڏني وئي آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت اخباري صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن جي سفري الائونسز تائين به ٽيڪس لڳائي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مديني جي رياست جو نعرو لڳائي عمران خان ماضي جي ظالم بادشاهن جي سلطنت قائم ڪري ورتي جتي هو برداشت نه ڪرڻ جوڳن ٽيڪسن سان عوام جو رت چوسي اشرافيه جي عيش عشرت جو سامان پيدا ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو