اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ 24.84 سيڪڙو جي شرح کان وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان مليل انگن اکرن مطابق گذريل مالي سال جي پڃاڻي تي ملڪي ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن جو ڳاڻيٽو 18.886 ارب ڊالر هو جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.132 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن جو ڳاڻيٽو 6.754 ارب ڊالر هو. هلندڙ مالي سال ۾ 4 جون 2021ع تائين ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن ۾ 4.691 ارب ڊالر جو نمايان اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق 4 جون کي اسٽيٽ بئنڪ وٽ ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن جو ڳاڻيٽو 16.414 ارب ڊالر ۽ بئنڪن وٽ ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن جو ڳاڻيٽو 7.163 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ ناڻي جي مٽا سٽا واري ذخيرن ۾ 24.84 سيڪڙو جي شرح کان وڌي ويو آهي.
