128

ڀارت ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 60 هزار 471 ڪيس، 2726 فوتگيون رپورٽ

 نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران موتمار ڪورونا وائرس جا 60 هزار 471 نوان مريض کان پوءِ متاثر ماڻهن جو انگ 2 ڪروڙ 95 لک 70 هزار 881 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪووڊ-19 کان هيل تائين 3 لک 77 هزار 31 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن . ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن اعتبار سان دنيا جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي . چيني خابرو اداري موجب ڀارت جي صحت واري وزارت چيو آهي ته ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن ۾ 59 هزار 780  جي گهٽتائي باوجود اڄان تائين 9 لک 13 هزار 378 فعال ڪيس آهن . گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت ۾ ڪورونا وائرس سبب 2726 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن . جنهن سان مجموعي فوتگين جو انگ 3 لک 77 هزار 31 ٿي ويو آهي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو