ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي پنجاب بس اسٽاپ وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. رپورٽ مطابق ڪراچي جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ واقع پنجاب بس اسٽاپ وٽ نامعلوم هٿيار بندن فائرنگ ڪري 42 ورهين جي يار محمد پٽ نائب خان مسعود کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. مقتول جي لاش کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
