174

گهوٽڪي ريل حادثي جي انڪوائري اڄ کان شروع ٿيندي، حادثي جي باري ۾ گواهي يا ثبوت حاضر ٿي يا لکت ۾ ڏئي سگهجن ٿا: ريلوي ترجمان

سکر  (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ريل حادثي جي انڪوائري اڄ کان شروع ٿيندي. فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر آف ريلويز فرخ تيمور غلزئي ٽن ڏينهن تائين بيان قلمبند ڪندو. ترجمان ريلوي مطابق 7 جون تي گهوٽڪي ويجهو ٻن مسافر ٽرينن ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس وچ ۾ حادثو ٿيو هو. حادثي ۾ 63 ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي جي انڪوائري اڄ 16 جون کان سکر ۾ شروع ٿي رهي آهي. ترجمان ريلوي مطابق فيڊرل گورنمينٽ انسپيڪٽر آف ريلويز فرخ تيمور غلزئي ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس جي حادثي جي حوالي سان ڊويزنل سپرينٽڊنٽ آفيس سکر ۾ اڄ کان 3 ڏينهن تائين انڪوائري ڪندو. هو 16، 17 ۽ 18 جون تي حادثي جي حوالي سان مسافرن ۽ گواهن جا بيان قلمبند ڪندو. ترجمان چيو ته جيڪڏهن ڪو شخص ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس جي ايڪسيڊنٽ ڊي رلمينٽ جي حوالي سان ڪوبه ثبوت ڏيڻ چاهي ته مٿي ڄاڻايل تاريخن ۾ ڊويزنل سپرينٽڊنٽ آفيس سکر ۾ حاضر ٿي بيان ڏئي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو