هريپور (ويب ڊيسڪ) تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي آمد ۽ ڇوڙ ۾ واڌ سان بجلي جي پيداوار وڌي ڪري 2926 ميگاواٽ ٿي وئي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي آمد ۽ ڇوڙ ۾ واڌ کانپوءِ بجلي جي پيداواري صلاحيت ۾ پڻ واڌ ٿي آهي. گذريل ڏينهن تربيلا ڊيم مان بجلي جي پيداوار 2926 ميگاواٽ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ پاڻيءَ جي سطح تيزيءَ سان واڌ کانپوءِ ليول 1461.96 فوٽ ٿي ويو، جڏهن ته پاڻيءَ ڄي آمد هڪ لک 99 هزار ۽ نيڪال هڪ لک 35 هزار ڪيوسڪ آهي.
220