ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ شامل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حسن علي جي ميچ دوران بابر اعظم سان مستين ۽ شرارتن واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، فاسٽ بالر ميچ دوران بابر سان مستي ڪندي سندس ڪريل رومال هن جي شرٽ اندر وجهي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻئي ڄڻا کلي رهيا هئا، ڪلپ وائرل ٿيڻ تي شوقنن به لطف اندوز ٿيندي ان کي پي ايس ايل جو بهترين لمحو قرار ڏنو.
237