نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) 38 زالن ۽ 89 ٻارن جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو، ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ مطابق وڏي خاندان جي سربراهه جي حيثيت سان شهرت ماڻيندڙ زيونا چنافشار مختلف بيمارين سبب دم ڏنو، هن 38 شاديون ڪيون هيون، جنهن مان کيس 89 ٻار آهن، هن 17 سالن جي عمر پهرين شادي ڪئي ۽آخري شادي 2004ع ۾ ڪئي، واضح رهي ته 108 ڀاتين تي مشتمل خاندان هڪ ئي گهر ۾ رهندو هو.
