130

سنڌ جي 14کرب 77 ارب روپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 20 ۽ پينشن ۾ 10سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جو  14کرب 77 ارب روپين جو  بجٽ پيش ٿي ويو اهي جنهن ۾ ڪو به نئون ٽئڪس نه لڳايو ويو آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو  ۽ پينشن ۾ 10سيڪڙو واڌ  ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گريڊ هڪ کان پنج تائين جي سرڪاري ملازمن جو پگهار ۽ پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن سنڌ جو نئين مالي سال 2021ع ۽ 2022ع جو بجٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پيش ڪيو. ايندڙ مالي سال 22-2021 لاءِ صوبي جي مجموعي بجيٽ 1477.903 ارب روپيا آهي جڏهن ته صوبائي بجيٽ ۾ 19.1 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ اسيمبلي ۾ 1477.903 ارب رپين جو خساري وارو بجيٽ پيش ڪيو ۽ خساري جو ڪاٿو 25.738 ارب روپيا لڳايو ويو. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي ٽوٽل بجيٽ جو ڪاٿو 1452.168 ارب روپيا آهي ۽ صوبي جي پنهنجي اوڳاڙي 329.319 ارب روپيا متوقع آهن جڏهن ته خرچ 1089.372 ارب روپيا آهن. هن چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ صوبي جا ترقياتي خرچا 329.033 ارب روپيا آهن ۽ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال ۾ ترقياتي خرچ 41.3 سيڪڙو وڌائي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته هن چيو ته صوبائي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 روپين مان وڌائي 25000 روپيا ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت مجموعي پگهارن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت يعني 25 هزار رپين جي وچ واري فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجن ملازمن کي (پوليس ڪانسٽيبلن کان سواءِ، گريڊ 01 کان گريڊ 5 تائين) ذاتي الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنھن موجب گريڊ ھڪ  جي ملازم کي 1900 روپيا ماھوار ، گريڊ 2 لاءِ 1500 روپيا ماھوار  ،گريڊ 3 لاءِ 900 روپيا ماھوار – گريڊ 4 لاءِ 250 روپيا ماھوار ، گريڊ 5 لاءِ 250 روپيا ماھوار  ذاتي الائونس ڏنو ويندو.  سماجي تحفظ واري پروگرام هيٺ بينظير  هائوسنگ سيل جي ذريعي بي گهر يا اهڙا ماڻهو جن جا گهر ڪمزور يا رهڻ جوڳا نه هوندا انهن کي گهٽ خرچ وارا گهر ٺهرائي ڏنا ويندا، سنڌ پيپلز پروگرام هيٺ ڪورونا سبب متاٿر ٿيلن جي مالي مدد ڪئي ويندي. آبادگارن کي 600 کان وڌيڪ شيون اڌ قيمت تي ڏنيون وينديون، 25 ايڪڙ يا ان کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن کي سارين جي ٻج جي خريداريءَ ، زرعي دوائن ۽ ڀاڻ تي سبسڊي ڏني ويندي، سولر پاور وارا 150 ٽيوب ويل رعايتي اگهه تي  لڳائي ڏنا ويندا. آبادگارن کي سولر پاور وارا 150 ٽيوب ويل رعايتي اگهه تي لڳائي ڏنا ويندا، وچولن ۽ ننڍن واپارين کي 5 لک کان  20 لک روپين تائين قرض ڏنو ويندو، شهرن ۾ ننڍي ڪاروبار لاءِ 2 لک روپين تائين جا قرض ڏنا ويندا.  وڏي وزير ٻڌايو ته صوبائي اي ڊي پي ۾ 43.5 سيڪڙو واڌ  ڪري 222.500 ارب روپيا ۽ ضلعي اي ڊي پي ۾ ٻيڻي واڌ ڪري 30 ارب روپيا رکيا ويا،  تعليم لاءِ بجيٽ ۾ 14.2 سيڪڙو تائين اضافي سان گڌ 277.56 ارب روپيا رکيا ويا.  زرعي شعبي جي بحالي لاءِ 3.00 ارب روپيا،  امن امان لاءِ 119.97 ارب روپيا، مڪاني ادارن جي جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 25.500 ارب رپيا ۽ صحت جي شعبي لاءِ 29.5 سيڪڙو واڌ ڪري 172.08 ارب روپيا رکيا ويا آهن. نئين مالي سال جي بجٽ ۾ڪنوينس ۽ مختلف ڪاغذن تي اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح 2 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ ۽ملڪيتن جي وڪري توڙي مسواڙ تي اسٽيمپ ڊيوٽي 2 مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي به تجويز شامل آهي.  ان سان گڏوگڏ مستحق ماڻهن جي مدد ۽ معيشت جي بحالي لاءِ 30.90 ارب رپين جي سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام وارو پئڪيج ٻيهر بجيٽ ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته زرعي شعبي جي بحالي لاءِ 3.00 ارب روپيا رکيا ويا آهن، 16.00 ارب روپيا شهرين جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ رکيا ويا آهن، تعليم جي شعبي لاءِ 277.56 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي ريت تعليم جي بجيٽ ۾ 14.2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، 1.70 ارب روپيا آئي ٽي شعبي جي بحالي لاءِ رکيا ويا آهن، ايس ايم ايز ذريعي صنعتي ترقي لاءِ 3 ارب روپيا رکيا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو