123

ريلوي زمينن تي قبضي،انفرا اسٽرڪچر ۽ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ريلوي زمينن تي قبضي،انفرا اسٽرڪچر ۽ ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪرڻ جو لکت ۾حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ريلوي جي زمينن جي وڪري جو منصوبو ٺاهي پئي،گورنر هائوس ڪراچي ۾ميٽنگ به ٿي، حڪومت هڪ طرف ريلوي زمين تان قبضو ڇڏائڻ لاءِ درخواستون ڪري پئي ته ٻئي طرف وڪري جو منصوبو ٺاهي پئي، ريلوي جي هڪ انچ جي زمين به وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين،ليز، ٽرانسفر ۽ الاٽمينٽ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت ڏهرڪي حادثي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪري ريلوي معاملا اڻ پيشيوراڻن ماڻهن جي هٿ ۾آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو