234

واپاري ۽ ڌاڙيل ۾ فرق رکڻو پوندو، ملڪ جي برآمدات صرف نيب جي ڪري وڌي رهي آهي : جاويد اقبال

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته واپاري ۽ ڌاڙيل ۾ فرق رکڻو پوندو، ملڪ جي برآمدات صرف نيب جي ڪري وڌي رهي آهي، لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيوته نيب وڏن ماڻهن جي خدمت لاءِ نه پر عوام جي خدمت لاءِ وجود ۾ آيو آهي، مون تي ڪو فرق نه ٿو پوي ته جن وڏن سياسي ماڻهن خلاف ڪيس آهن اهي ميڊيا تي اچي نيب تي ڇا تنقيد ڪندا آهن، هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ صاحب خطاب دوران چيو ته سيڙپ نيب جي ڪري رڪجي وئي آهي ان لاءِ نيب آرڊيننس ۾ تبديلي ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن هو نيب جو قانون پڙهي اچي ها ته ان طرح جو بيان ڏئي پنهنجي تذليل نه ڪرائي ها، جاويد اقبال چيو ته سياسي شخصيتن کي حقيقتن جو علم ناهي، جنهن ڪري هو صرف هڪ ئي نقطو اٿاريندا آهن ته نيب ۽ پاڪستان گڏ گڏ نه ٿا هلي سگهن، نيب کي گاريون ڏيڻ سان ڪو فائدو ناهي، صبح جو نيب جي پيشي کي منهن ڏيندڙ هڪ ڪلاڪ بعد نيب تي تنقيد ڪري رهيا هوندا آهن، 4 گارين ۾ 3 چيئرمين ۽ هڪ نيب کي ڏيڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو، هن چيوته ملڪ ڪنهن به سيڙپ خلاف ناهي پر پاڪستان ۾ برآمدات ۾ اضافو بنيادي طور تي نيب جي ڪري ٿيو آهي، مونکي ڪو به هڪ سيڙپڪار ٻڌايو جنهن چيو هجي ته نيب جي ڪري سيڙپ نه ٿي ٿئي،  نيب چيئرمين نيب تي تنقيد ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان نيب جي روشن پاسي کي اجاڳر نه ٿا ڪري سگهو ته اڻ تصديق ٿيل پاسا پنهنجي تقرير ۾ شامل ڪري عوام کي گمراهه نه ڪيو، جاويد اقبال چيو ته نيب جي دائري اختيار بابت هڪ آرڊيننس آيو پر 4 مهينن تائين ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو، جيڪڏهن ڪو فيصلو ٿيو آهي ته اسان کي ٻڌايو ته جيئن ان کي بطور گائيڊ لائين استعمال ڪيون، 3 سالن ۾ 533 ارب رپين جي رڪوري ڪئي، هن چيو ته پاڪستان ۽ نيب گڏ هلي رهيا آهن پر ڪرپشن ۽ نيب گڏ نٿا هلي سگهن، ماڻهن کي حقيقت جي خبر ئي ناهي هوندي ۽ تقرير شروع ڪري ڇڏيندا آهن، نيب مسئلو نه پر مسئلن جو حل آهي، نيب عوام جي خدمت لاءِ ٺاهيو ويو آهي، تعمير لاءِ تنقيد ٿيڻ گهرجي، هڪ صاحب عدالت ۾ پيشيون ڀوڳيندو آهي ۽ وري ميڊيا تي تقرير ڪرڻ بيهندو آهي، پاڪستان ۾ ڪيترا ماڻهو اهڙا به آهن، جن موٽر سائيڪل تان سڌو جهاز تي ٽپو ڏنو، هن چيو ته نيب 3 سالن ۾ 533 ارب رپيا رڪور ڪيا، ان شارڪ مڇين ۽ واڳن کي پڪڙيو، ننڍيون مڇيون ڄار مان نڪري وينديون آهن، ڪجهه ماڻهو 30-35 سال اقتدار ۾ رهيا، جڏهن ته ڪجهه کي اڃا رڳو 30-35 مهينا ٿيا آهن، سندس چوڻ هو نيب سيڙپڪاري ۾ رنڊڪ هجي ها ته اسٽاڪ ايڪسچينج نفسياتي حد پار نه ڪري ها ۽ نه ناڻي جي پهچ ۾ واڌ ٿئي ها، عوام جي دعا ۽ شاباش کانپوءِ ڪنهن جي دعا ۽ شاباش جي ضرورت ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو