اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾بجيٽ بحث دوران وفاقي وزيرن ۽ حڪومتي ميمبرن جو هنگامو، گٿن لفظن جو استعمال، (ن) ليگ ميمبر کي ڪتاب اڇلائي هنيو، رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف تقرير شروع ڪئي ته حڪومتي بينچن تان گوڙ شروع ٿيو، ميمبرن پنهنجين سيٽن تي اٿي بيٺا، وفاقي وزير ۽ حڪومتي ميمبر بجيٽ دستاويز کي ڊيسڪ تي هڻندا رهيا، سيٽيون وڄايون ۽ هوٽنگ ڪئي، جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري به نعرا هنيا، هوڏانهن (ن) ليگ جا ميمبر شهباز شريف جي چوڌاري گڏ ٿي ويا،اسپيڪر اسد قيصر جي هدايت باوجود حڪومتي ميمبر چپ ڪري نه ويٺا، جنهن کانپوءِ اجلاس 20 منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو، اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرن ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، هڪٻئي کي گٿا لفظ ڳالهايا ويا، حڪومتي ميمبر علي نواز اعواڻ (ن) ليگ جي شيخ روحيل اصغر جي وچ ۾جهڙپ ٿي، جڏهن ته هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ دوران حڪومتي ميمبر علي نواز اعواڻ (ن) ليگ جي شيخ روحيل اصغر کي بجيٽ جو ڪتاب اڇلائي هنيو،جنهن تان اپوزيشن ۽ پي ٽي آءِ ميمبر آمهون سامهون ٿي پيا، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن وفاقي وزير فواد چوري هڪ خانگي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان اپوزيشن کي گذارش ڪئي هئي ته ايوان جو ماحول بهتر نموني هلايو وڃي، ڪجهه ماڻهو پاڻ کي بدمعاش سمجهن ٿا، پارليامينٽ ۾ڪنهن کي به اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ نه ڏينداسين،جيڪڏهن توهان اسان کي ڳالهائڻ نه ڏيندا ته پوءِ توهان به نه ڳالهائي سگهندا. هن چيو ته هاڻي اهڙي رويي کي برداشت نٿا ڪري سگهون.
