123

ڪراچي ۾حددخلين خلاف آپريشن،مظاهرين ۽ پوليس ۾چڪريون،لٺبازي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، مظاهرين ۽ پوليس ۾چڪريون، ڇڪتاڻ. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو، الاالدين پارڪ ۽ پويلين اينڊ ڪلب ۾حددخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو، جڏهن ته ريسٽورنٽ خالي ڪرائي وئي،سمورو سامان ٽرڪ ۾منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن راشد منهاس روڊ الاالدين پارڪ وٽ شاپنگ مال کي ڪيرائڻ لاءِ به آپريشن جاري آهي، ان دوران پوليس ۽ دڪاندارن ۾چڪريون پڻ ٿيون. پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ لاٺي چارج ڪئي. جڏهن ته مظاهرين پوليس تي پٿرا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي مظاهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو