178

اليڪٽرانڪ مشين اسان جي اولين ترجيح آهي: وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اليڪٽرانڪ مشين اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان کي پوري اميد آهي ته اڳئين ضمني چونڊ ۾ اليڪٽرونڪ مشين استعمال ٿيندي، وفاقي ڪابينا اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيوته اليڪشن ڪميشن سان آخري ملاقات ۾ مشينن جي عملي مظاهري جي درخواست ڪئي هئي، هلندڙ هفتي ڪميشن کي پريزنٽينشن ڏني هئي جنهن ۾ ميمبرن سوال رکيا ۽ ماهرن جواب ڏنا، هن چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته اڳئين ضمني چونڊ ۾ اليڪٽرونڪ مشين استعمال ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو