اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت انڊس رور سسٽم اٿارٽي ارسا جي جوڙيل ٽيمن کي بئراجن جي مانيٽرنگ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته ارسا پاران مانيٽرنگ ٽيمون جوڙڻ تي سخت خدشا آهن، پاڻي ڇڏڻ جي نگراني لاءِ ٽيمون هڪ طرفيون ٺاهيون ويون آهن، غيرجانبدار ٽيمن جي جوڙ جڪ تائين بئراجن جي مانيٽرنگ جي اجازت نه ڏينداسين، سنڌ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ارسا کي خط لکي مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي جي پيمائش جو طريقو واضح ڪيو وڃي ۽ انسپيڪشن سائنٽس جو به تعين اتفاق راءِ سان ڪيو وڃي.
203