اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان سعودي عرب ويندڙ 18 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن کي ايسٽرا زينيڪا لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته سعودي عرب حڪومت ايسٽر ازيڪا ۽ فائزر ويڪسين جي منظوري ڏني آهي، جڏهن ته سعودي ويندڙ پورهيت دستاويز ڏيکاري ايسٽر ازينڪا لڳرائي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ اها ويڪسين موجود ناهي ته اهي وڏن شهرن مان لڳرائي سگهن ٿا.
