راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪ فوج قوم جي خدمت ۽ وطن جي دفاع لاءِ هر سطح تائين ويندي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ 78 هين فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپال، اسٽاف آفيسرز ۽ فارميشنز ڪمانڊر شريڪ ٿيا، ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن جيو اسٽريٽجڪ صورتحال، قومي سيڪيورٽي، پيش ايندڙ چئلينجز سميت خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوابي حڪمت عملي تي غور ڪيو، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ قبائلي ضلعن ۾ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مقامي ماڻهن جي قربانين کي خراب عقيدت پيش ڪيو ويو، ڪانفرنس ۾ پيشواراڻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آرمي چيف ردالفساد جي ڪاميابين کي هٿ ڏيارڻ لاءِ ملڪ ۾ جاري استحڪام آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪشميرين جي جدوجده، حق خودارايت سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪشميرين کي اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حق خود ارايت ملڻ گهرجي، ان موقعي تي آرمي چيف چيوته پاڪ فوج پنهنجي آپريشنل تياريون جاري رکي، آرمي چيف مختلف تربيتي مشقن ۾ فارميشن جي تربيتي معيار جي تعريف ڪئي، آفيسرن ۽ جوانن جي بلند عزم کي به ساراهيو، آرمي چيف ڪورونا، ماڪڙ ۽ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن جي لاءِ مڪمل تعاون کي به ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ فوج قوم جي خدمت ۽ وطن جي دفاع لاءِ هر سطح تائين ويندي.
