129

پيٽرول 2 روپيا 13 پئسا ۽ ڊيزل هڪ روپيو 79 پئسا في لٽر مهانگا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ مهانگو ڪري ڇڏيو، نيون قيمتون اڄ کان لاڳو ٿينديون، رپورٽ موجب تيل قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي قيمت ۾2 رپيا 13 پئسا واڌ کانپوءِ نئين قيمت 110رپيا 69 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾هڪ رپيو 79 پئسا واڌ،لائٽ ڊيزل جي قيمت 2 رپيا 3 پئسا واڌ بعد نئين قيمت 79 روپيا 68 پئسا في لٽر تي پهتي آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 79 پئسا واڌ کانپوءِ نئين قيمت 81 رپيا 89 پئسا في ليٽر ٿي ويو،تيل قيمتن ۾واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گل جو چوڻ هو ته دنيا ۾پيٽروليم قيمتن ۾لڳاتار واڌ ٿئي پئي،ڀارت ۾هڪ مهيني ۾17 ڀيرا پيٽرول وڌيو آهي، پاڪستان ۾گذريل اڍائي مهينن ۾تيل قيمتن ۾ڪا به واڌ ناهي ٿي، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾قيمتون وڌايون ويون آهن، هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾لڳاتار واڌ جي ڪري اوگرا قيمتن ۾4 رپيا واڌ جي تجويز ڏني هئي، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان رڳو 2 رپيا واڌ جي منظوري ڏني آهي، هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته  عوام تيل قيمتن ۾واڌ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، مهانگائي جي ماريل ماڻهن تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو