اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ٿيل هنگامي تي ايڪشن وٺندي 7 اسيمبلي ميمبر جي پارليامينٽ هائوس ۾ اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، رپورٽ مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر گذريل ڏينهن ايوان ۾ سخت احتجاج ۽ هنگامي جو نوٽيس ورتو هو ۽ ان جي مڪمل جاچ جو اعلان ڪيو هو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ان حوالي سان اڄ هڪ اجلاس گهرايو جنهن ۾ گذريل ڏينهن جي فوٽيج ڏيکاري وئي ۽ ايوان ۾ ٿيل ڀڃ ڊاهه جي معاملي جو جائزو ورتو ويو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان ۾ اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪندڙ ميمبرن تي پارليامينٽ هائوس ۾ اچڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي اسد قيص ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جي تقرير دوران خلل پيدا ڪندڙ ميمبرن جو رويو غير پارلياماني هو، انهن ميمبرن جو رويو مناسب نه هو، انهن ميمبرن جي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
195