209

وفاق ۽ سنڌ حڪومت ۾ تڪرار ۽ آئيني تقاضائون…

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

سنڌ حڪومت  جو صوبي جي مالياتي حقن ۽ پاڻي جي حصي جي فراهمي تي وفاقي سرڪار سان سڌو ٽڪراءَ شروع ٿي ويو آهي. جنهن ۾ هن وقت وفاقي حڪمران جماعت ۽ ان جا وزير ۽ عملدار سنڌ حڪومت خلاف پنهنجي وس ۽ اختيار موجب مهم هلائڻ ۾ مصروف آهن. معاملا ايتري حد تائين وڃي پهتا آهن جو وفاقي وزير، سنڌ جي حڪومت، صوبي جي چيف ايگزيڪٽو ۽ وڏي وزير خلاف پنهنجي گفتگو ۾ ذاتي حملا ۽ اخلاقي ۽ تهذيبي حدون به اورانگهڻ لڳا آهن، ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته وفاقي سرڪار سمورن آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حدبندين کان به پاڻ کي آزاد سمجهي رهي آهي.صوبن کان روينيو، کربين رپين جا ٽيڪس هٿ ڪرڻ بعد آئين موجب ان قومي خزاني جي صوبن ۾ ورهاست ڪرڻ بدران سمورو مال ڳڙڪائڻ ۽ ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي رکڻ “ واري فارمولي ۽ سوچ تي ڪاربند ٿي وئي آهي، معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته ملڪ جي ڀيل ڪندڙ سرڪار جي سموري ملڪ ۾ هلندڙ ارهه زورائي جي راهه ۾ رڳو سنڌ صوبو ئي للڪار بڻيل آهي، جنهن خلاف ڪات ۽ ڪهاڙا اڀا ڪيا ويا آهن، سنڌ صوبي جي عوام جا يقينن اهي دانشمندي وارا ئي فيصلا آهن جو پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ عوام جي چونڊيل نمائندن واري پارلياماني سرشتي کي بحال ڪرڻ ۽ برقرار رکڻ ۾ پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ جو سجاڳ عوام نه صرف پنهنجن چونڊيل نمائندن جي نگراني ڪرڻ ۾ ڪامياب آهي پر ان سان گڏ پنهنجي ملڪ جي جمهوري ۽ آئيني سرشتي جي سنڀال ڪرڻ ۾ پڻ سموري ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سجاڳ ۽ جرئتمنداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌ صوبي جي عوام جي سجاڳي، فڪر ۽ اتحاد جا يقينن سڄي ملڪ تي پڻ تمام گهرا اثر پئجي رهيا آهن.سنڌ صوبو جيڪو گذريل لڳاتار 30 سالن کان سخت بدامني جو شڪار هو ۽ دهشتگرد گروهن جو ڳڙهه ٿي رهيو هو ان کي پنهنجي اتحاد ۽ جمهوري طاقت ذريعي شڪست ڏيڻ ۾نه صرف مثالي ڪاميابي حاصل ڪئي پر پنهنجي قائم ڪيل حڪومت کي جديد سنڌ اڏڻ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سماجي ترقي ۽ تعليم وارن منصوبن، زرعي معيشت جي بهتري ۽ صوبي ۾ ڪاروبارن جي واڌ ۽ نوجوان نسلن کي پنهنجن وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ اعليٰ تعليم، صحت ۽ علاج جون وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ڪرڻ، خاص طور تي قدرتي آفتن، برساتن ۽ ٻوڏ واري حالت ۾ متاثر ٿيندڙ سمورن ضلعن جي سنڀال ڪرڻ ۽ پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ مدد مهيا ڪرڻ ۾ پڻ ساراهه جوڳي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. سنڌ جي عوام طرفان پنهنجن چونڊيل نمائندن ۽ حڪومت جو احتساب ڪرڻ وارو سلسلو پڻ ساڳي وقت جاري آهي، صوبي ۾ ٿيندڙ ترقي، تعمير ۽ نظر ايندڙ ڪمن ۽ ڪارڪردگي جي ڪيتري قدر قبوليت ۽ مقبوليت ٿي آهي، يقينن ان عمل جا اهي نتيجا آهن جو سنڌ جي عوام عام چونڊن کان سواءِ تازين ننڍين چونڊن ۾ پڻ پنهنجا فيصلا برقرار رکيا ۽ پنهنجي پسند جي سياسي جماعت ۽ اميدوارن کي ووٽ ڏئي پنهنجي اعتماد جي هڪ ڀيرو وري سند عطا ڪئي آهي، اها پڻ حقيقت آهي ته سنڌ جو عوام پنهنجي مستقبل سان لاڳاپيل شهرن خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حوالي سان تمام گهڻو حساس آهي ۽ انهن شهرن جي وري دهشتگردن جي حوالي ٿيڻ يا ٻاهرين ۽ ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري جي حوالي سان سخت فڪرمند آهي، يقينن سنڌ کي پنهنجي ملڪ جي سرشتي ۾ اهم مقام ۽ اهميت حاصل آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ صوبو پنهنجن قدرتي وسيلن سان پڻ مالامال آهي ۽ خاص طور تي سنڌ جو سامونڊي علائقو ۽ ڪراچي کان بدين تائين وارا سامونڊي ڪنارا مستقبل ۾ دنيا جي ڪاروبارن ۽ صنعتن جا مرڪز ٿيڻ وارا آهن، خاص طور تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٿيل ٺاهه تحت سي پيڪ وارو وڏو سيڙپڪاري وارو منصوبو انهن علائقن ۾ اچي رهيو آهي ۽ ان کانسواءِ روس، چين ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي گڏيل سيڙپڪاري وارو ان کان به وڏو ون روڊ ون بيلٽ جي نالي عالمي سيڙپڪاري، صنعتڪاري ۽ تعميراتي رٿائن وارو ٻيو عظيم عالمي منصوبو پڻ طئي ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ جي عوام ۽ نوجوانن نسلن کي انهن عالمي منصوبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ ان ايندڙ دور جي ٽيڪنالاجي ۽ تعليم حاصل ڪري انهن منصوبن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پڻ تياري ڪرڻي آهي ته جيئن سموري ملڪ سميت سنڌ صوبو پڻ پنهنجي ايندڙ بخت ۽ خوش قسمتي مان وڌ ۾ وڌ لاڀ ۽ خوشحالي حاصل ڪري سگهي، وفاقي ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومتن ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ سنڌ جي عوام جي حڪمراني کي للڪاريندڙ ڌرين جي بنيادن ۽ اندر جو جائزو وٺجي ته انهن جي پاڙ ۽ من ۾ سنڌ ۽ ٻين صوبن جو استحصال ۽ ڦرلٽ وارا اهي معاملا ڇپ هنيو ويٺا آهن. سنڌ جي عوام جي سڃاڻپ کي سلام آهي جو هو ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ باشعور آهي ۽ سموري ملڪ ۾ پنهنجو قائداڻو ڪردار پڻ ادا ڪري رهيو آهي، سنڌ صوبي جو عوام متحد ٿي تمام وڏي اڪثريت سان سنڌ صوبي ۾ لڳاتار ٽئين جاري مدت ۾ پڻ پنهنجي حڪومت قائم ڪري پنهنجي قسمت ۽ حق حساب ۽ صوبي تي حڪمراني وارا معاملا پنهنجي هٿن ۾ رکيا آهن، سنڌ جي اها خوشنصيبي ئي چئبي جو سنڌ جي دلير ۽ غيرمعمولي شخصيت ۽ اڳوڻي وڏي وزيرسيد عبدالله شاهه جو باصلاحيت پٽ سيد مراد علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ سنڌ حقن جي ذهين ۽ بهادر وڪيل ۽ نمائندي جي حيثيت ۾پنهنجي باصلاحيت ٽيم سان گڏ سنڌ جي حقن جي حفاظت واري جدوجهد ۾ پهرين صف ۾ پنهنجو ڪارائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي مقصدن ۽ مفادن جي حوالي سان سمورين خيرخواهه ڌرين کي ڪشاده دلي سان ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ هڪٻئي جا هٿ مضبوط ڪرڻ گهرجن، بيشڪ سنڌ جي عوام طرفان پنهنجي چونڊيل حڪومت ۽ ان جي مقابلي ۾ سنڌ صوبي خلاف للڪار بڻيل وفاقي سرڪار ۽ ان جي اتحادي ڌرين ۾ زمين ۽ آسمان وارو فرق آهي، سنڌ جي عوام طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي کي لڳاتار ٽن مدن دوران سنڌ ۾پنهنجي حڪومت ٺاهڻ جو حق ڏنو ويو آهي ته اهو سنڌ جي عوام جو ئي فيصلو آهي، ان جو احترام ڪرڻ ضروري ۽ لازمي ڳالهه آهي پر ان سان گڏ اها پڻ حقيقت آهي ته سنڌ صوبو ملڪ جي وفاق جو هڪ حصو آهي پر اهو ڪو الڳ ملڪ ناهي، سنڌ صوبو ملڪ جي جمهوري سرشتي ۾ وفاقي ملڪ جو هڪ اهم صوبو ضرور آهي پر وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جي نمائنده نه هئڻ ڪري ان جو سنڌ حڪومت سان لڳاتار ٽڪراءَ ۽ ڇڪتاڻ وارو سلسلو پڻ جاري آهي، اهڙي ريت صوبائي حڪومت ملڪ جي آئين تحت قائم آهي ۽ پنهنجو ڪم جاري رکي سگهي ٿي پر ڪراچي شهر جي معاملن يا صوبي جي حڪمراني جي حوالي سان صوبي جو مالڪ ۽ مختيار سمجهڻ ۽ هر ڪاري ۽ اڇي جو مالڪ سمجهڻ پڻ ناسمجهي واري ۽ اجائي ڳالهه آهي، سنڌ جي عوام جي جمهوري حڪومت کي ديوار سان لڳائڻ ۽ پاڻ کي اجايو لاقانونيت، ضد ۽ انا جو شڪار ڪري بدامني ۾ ملوث ٿي ڏٺو ٿيڻ ۽ پنهنجن گهڻ گهرن کي آزمائشن ۾ وجهڻ ۽ پاڻ کي به وڃي تڪليفن جو شڪار ڪرڻ يقينن عقل ۽ سمجهداري وارو ڪم ناهي، اقتدار ۽ اختيارن جو عوام ۽ انهن جون چونڊيل حڪومتون ڪيتريون مالڪ ۽ خودمختيار آهن انهن معاملن کان سڄو ملڪ واقف آهي پر ان جي باوجود حاصل آزادين کي بچائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪم ڪندو رهڻ ۽ وکون وڌائيندو رهڻ صرف جمهوري ۽ آئيني ماحول ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي حاصل ٿي سگهي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو