199

انقلاب رهبر جي ڳولا ۾ آهي…..!!

ليکڪ: عاصمه شيرازي

2002ع ۾ پارليامينٽ جي رپورٽنگ شروع ڪئي ته سياسي افق تي جنرل مشرف جو سايو هو، انتهائي مضبوط طاقتور حڪومت ۽ ظاهر ۾ وڏي تعداد ۾ اپوزيشن، مون کي اڄ به ياد آهي ته 16 نومبر 2002ع تي اسيمبلي جي حلف برداري تقريب ۾ کاٻي هٿ جي پهرين سيٽن تي الفابيٽ جي لحاظ کان عمران خان ويٺو هو، قومي اسيمبلي ۾ سندس صرف هڪ سيٽ هئي، ڪڏهن پارليامينٽ ۾ آيو ٿي ته اسان جهڙا رپورٽر ان جي چوڌاري هوندا هئا ۽ مختلف موضوعن تي سندس راءِ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ان کانسواءِ ان جي قومي اسيمبلي ۾ ڪا خاص شرڪت نه هئي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪو بل، نه ڪنهن قسم جو احتجاج، بس ڪڏهن ڪڏهن ڪا هڪ اڌ تقرير اها به مهينن کانپوءِ، پيپلزپارٽي ۾ پيٽرياٽ ٺهي چڪي هئي، مخدوم امين فهيم مرحوم پ پ جي اڳواڻن مان هو، پيپلزپارٽي کي ٽوڙيو ويو ۽ رائو سڪندر اقبال جي سربراهي ۾ پيٽرياٽ الڳ گروپ ٺاهي ورتو، جنهن جي حمايت سان مير ظفر الله جمالي جي ڪمزور حڪومت پنهنجن پيرن تي بيهاري وئي، مسلم ليگ ۽ پيپلزپارٽي الڳ الڳ نظرين ۽ روايتي مخالف هجڻ باوجود نوابزده نصر الله خان جي سربراهي ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ شامل هيون، هڪ نقاطي ايجنڊا صرف جمهوريت جي بحالي هو، ان کانسواءِ ڪجهه نه هو، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر اي آر ڊي ڀرپور احتجاج ڪندي هئي، اعتزاز احسن ۽ چوڌري نثار سڀ هڪ صفحي تي هئا، نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي پاڪستان ۽ قومي اسيمبلي ۾ کوٽ ضرور محسوس ٿيندي هئي، پر انهن جا اڳواڻ پنهنجو پنهنجو حصو ضرور ۽ ڀرپور وجهندا هئا.هڪ طرف خواجا آصف، اعتزاز احسن، حافظ حسين احمد ۽ محمود خان اچڪزئي جهڙا سينيئر سياستدان ته ٻئي طرف شيري رحمان، قمر الزمان ڪائره، چوڌري منظور، خواجا سعد رفيق ۽ حيدر عباس رضوي جهڙا نوخيز سياستدان خطيب مڪمل تياري سان پارليامينٽ ايندا هئا. پريس گيلري ۾ ويهي اسان نه صرف انهن کان سکندا هئاسين پر فخر محسوس ڪندا هئاسين ته اسان وٽ اجتماعي دانش جا ڪهڙا ڪهڙا دماغ موجود آهن. ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته بجيٽ سيشن ۾ بحث جي شروعات ٿي هجي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي تقرير ڪرڻ کان روڪيو ويو هجي ۽ ايڏي وڏي مخالف ڌر خاموشي سان اٿي هلي وڃي، نه ايوان ۾ آواز، نه لابي ۾ احتجاج، نه پارليامينٽ کان ٻاهر ڪو شور، نه پريس ڪانفرنس، هن دور ۾ اهو به ٿيو ته شهباز شريف جي تقرير اسيمبلي جي اسپيڪر پاڻ اهو چئي روڪي ڇڏي ته اچو ته پهريان ايوان جو ضابطا اخلاق طئه ڪريون ٿا، ياد رهي ته ڪنهن دور ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪاميٽي ۾ اهي معاملا طئه ڪيا ويندا هئا، اجلاس معطل ٿيڻ کان ملتوي ٿيڻ تائين ڇا ڇا طئه ٿيو ڪنهن کي خبر نه آهي، تعداد ۾ وڏي اپوزيشن پر ورهايل اهڙي جو ڳڻپ ۾ نه آئي، اپوزيشن جي ورهاست جو انتظام پارليامينٽ کان ٻاهر ويٺل اڳواڻن ڪيو ته تدفين جو ڪم اندر ويٺل رهبر ڪري رهيا آهن، بار بار ذهن جنرل مشرف جي ايل ايف او تي هلندڙ اسيمبلي ڏانهن وڃي ٿو ته ڊبيٽنگ ڪلب ئي صحيح ته پارليامينٽ تقريرون ته ٿي وينديون هيون ۽ مخالف ڌر جو جمهوريت جي بحالي جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ بيانيو ته هو، پارليامينٽ جو پليٽ فارم اهو اهم هنڌ آهي، جنهن جو آواز سڄي دنيا ۾ گونجي ٿو، تحريڪ انصاف حڪومت جي خوش نصيبي چئو يا ان جي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي بيانيي تي سچائي سان ثابت قدمي ته روزانو جي بنياد تي مخالف پارٽين ۽ ميڊيا ۾ تنقيدي آوازن کي زير ڪرڻ اڃا تائين انهن جي سڀ کان اهم ۽ ڪامياب پاليسي آهي،  ڪمال ته اهو آهي ته اپوزيشن جي سڀ کان وڏي پارٽي پاڪستان مسلم ليگ وٽ بيانيي لاءِ هاڻ ٻه چار لفظ به نه رهيا آهن، پارٽي جي اندر جي ورهاست سبب اهم معاملن تي متفقه موقف ڪهڙو آهي، ڪنهن کي به خبر نه آهي، آمريڪي اڏن بابت بحث هجي، يا اوورسيز پاڪستانين جي حق ۾ راءِ جو معاملو، ڪشمير پاليسي جي ڳالهه هجي يا حڪومت طرفان اڻ اعلانيل ۽ اوچتي قانونسازي پارليامينٽ ۾ قانونسازي کي روڪڻ جي حڪمت عملي هجي يا 8 کان 12 بجي وارا ٽاڪ شوز يا وري پارليامينٽ جون راهداريون مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ صحافين کان پڇندا رهندا آهن ته انهن جي پارٽي ۾ ٿي ڇا رهيو آهي؟ الڳ الڳ موقف ۽ ورهايل حڪمت عملي جتي مخالف ڌر کي ڪمزور ڪيو آهي اتي عوام به ڪنفيوز آهي ته انهن جو آواز آهي ڪٿي؟ ٽف ٽائيم ڏيندڙ اپوزيشن اڃا به سينيٽ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي آهي ۽ چاهي ته من پسند قانونسازي جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي، پر ذاتي اختلاف وڏن مقصدن جي راهه ۾ بيٺل آهن، طاقت جي مرڪزن سان قربت جي ڪوشش پيپلزپارٽي ڪري ٿي ته (ن) ليگ به گهٽ ڪوششن ۾ نه آهي، ائين انقلاب ڪٿي رهبر جي انتظار ۾ آهي، مختلف مسئلن تي (ن) ليگ جي سراسري مخالفت ڪٿي ڪنهن ڊيل جو حصو ته نه آهي؟پي ڊي ايم کي غير ضروري طعنن جي ڪري جهڙي طرح ٽوڙيو ويو هاڻ شهباز شريف ڪوشش ڪري به وٺي ته به شايد گهڻي دير ٿي چڪي آهي. پي ڊي ايم جي اتحاد جهڙي طرح حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏنو، هاڻ ان وقت واپس اچڻ ناممڪن نه ته مشڪل ضرور آهي. جمهوري پارلياماني نظام ۾ مخالف جو ڪردار متبادل حڪومت جو هوندو آهي، حڪومت کان ٻاهر سياسي پارٽيون حڪومتي پاليسين جي مخالف حڪمت عملي ٺاهينديون آهن ۽ عوام کي پنهنجي پروگرام کان آگاهه ڪنديون آهن، جڏهن پي ڊي ايم جو موت ٿيو آهي ته ڇا پارليامينٽ اندر يا ٻاهر ڪو احتجاجي پروگرام سامهون آيو آهي؟ ڇا ڪنهن احتجاجي تحريڪ جي تياري آهي؟ ڇا ڪنهن موقعي تي شاگرد تنظيمن، مزدور يونينن، سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ صحافتي تنظيمن سان رابطو ڪيو ويو آهي؟ عوامي رابطي مهم لاءِ حالتون سازگار نه آهن ته پارليامينٽ جي اندر عوامي نمائندگي جي ڪهڙي پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي؟ سخت دٻاءُ جو شڪار پارلياماني نظام ۽ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندڙ سياسي پارٽين آئين، جمهوريت ۽ انساني حقن جو تحفظ نه ڪيو ويو ته ايندڙ وقت ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي به معاف نه ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو