225

عادتون نسلن جي ڄاڻ ڏين ٿيون…

ليکڪ: اعتزاز احمد چانگ

ھڪ ڏاھي شخص کي بادشاھه جي درٻار ۾ گھرايو ويو. بادشاھ سندس ذھانت کي پرکڻ لاءِ ھڪ گھوڙي بابت پڇيو. گھوڙو ڏسي ان ڏاھي شخص چيو ته گھوڙو ته سٺو آھي پر نسلي ناھي. بادشاھه حيران ٿيو. جاچ ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي گھوڙو جنھن نسل سان تعلق رکندڙ ھو تنھن سان سندس ماءُ جو تعلق نه ھو. بادشاھ خوش ٿي وري پنھنجي بادشاھت بابت پڇا ڪئي، ان شخص بادشاھه کان جان جي امان گھرندي چيو ته اوھان جو تعلق شاھي گھراڻي سان ناھي، بادشاھ  ڪاوڙ منجھان ان شخص کي قيد ڪرائي ڇڏيو. بادشاھه سلامت جا ڏينھن پريشاني ۾ گذرڻ لڳا، نيٺ بادشاھه پنھنجي ماءُ کان ان بابت پڇڻ لڳو، ڪافي زور ڀرڻ کانپوءِ اھا حقيت سامھون آئي ته اولاد نه ھجڻ ڪري سندس والد کيس پاليو ھو ۽ پنھنجو جانشين مقرر ڪيو ھو، بادشاھ ان شخص کي گھرائي پڇڻ لڳو. ڏاھي شخص وراڻيو ته انسان جو عادتون نسل بابت آگاھي ڏينديون آھن، جئين مون گھوڙي جي کائڻ ۽ ھلڻ منجھان اندازو لڳايو ھو. اوھان جون عادتون پڻ شھنشاھن سان نه پيون ملن، چيو ويندو آھي ته انسان جي پھرين درسگاھ سندس ماءٌ ھوندي آھي، ان ماءُ جي ھنج ۾ انسان جي جيڪا تربيت ٿئي ٿي سندس پوري زندگي جو سرمايو بڻجي وڃي ٿي. اھا ئي چال چلت انسان کي سماج اندر سٺو يا برو انسان بڻائي ٿي. اھيو سچ آھي ته انسان تعليم سان ترقي ڪري وڏي کان وڏو عھدو ته حاصل ڪري سگھي ٿو، سندس ڪردار جو اندازو زبان جي استعمال ۽ سندس انداز منجھان نمايان نظر ايندو آھي. تنھنڪري ئي ھي چوڻي وڏي مشھور آھي ته لک وڃائجي پر لڇڻ نه وڃائجي. پيسو نه ھجي ته غربت ۾ به انسان لاءِ ماڻھن وٽ ڪجهھ عزت ھوندي آھي پر جڏھن لڇڻ برا ٿي پون ته انسان جو معاشري ۾ جيئڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. انھن لڇڻن کي سڌارڻ ۾ والدين جو ڪردار تمام وڏي اھميت رکي ٿو. شيڪسپيئر پنھنجي شاعري ۾ ھڪ جڳھه تي انسان جي زندگي جا ست ڏاڪا بيان ڪيا آھن. جنھن ۾ سڀ کان پھريون ڏاڪو انسان جي زندگي جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي، شيڪسپيئر موجب ھڪ کان ست سال تائين جي عمر جو عرصو انسان جي زندگي ۽ پرورش ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. جنھن ۾ ھو سماج کي سمجھڻ شروع ڪري ٿو ڀرپاسي کي پرکي ٿو. انھي ۾ رشتن جي اھميت سمجھي ٿو. دوست ۽ دشمن ۾ فرق محسوس ڪرڻ سکي ٿو ۽ غلط ۽ صحيح جي وچ ۾ لڪير ڪڍڻ سکي ٿو. اھو ئي عوصو انسان جي سماجي ۽ حقيقي زندگي جي پيڙھ بڻجي ٿو. انھي عرصي ۾ جنھن ٻار تي والدين جو گھڻو ڌيان ھوندو آھي اصل ۾ اھو ٻار معاشري ۾ سٺي زندگي اختيار ڪرڻ لڳندو آھي. والدين جي ٿوري گھڻي به بي ڌياني انسان جي ايندڙ زندگي جا پنجاھه سال برباد ڪري ڇڏيندي آھي. ان ڳالهھ کي تمام سولي مثال سان ڏسجي ته اسين جڏھن ”ڏوھن جو علم“ يعني Criminology ۾ ٻارن جي ڏوھن طرف وڃڻ جا سبب پڙھندا آھيون ته اسان جي سامھون ڪجھه نظريا ايندا، جن ۾ ھتي broken home يا broken family کي بيان ڪيون ٿا ته واضح طور اھيا ڳالهھ سمجھائي وڃي ٿي ته اھي ٻار جن جا والدين ناھن ھوندا، جھان ڇڏي ويندا آهن يا ڪنھن سبب جي ڪري الڳ ٿي ويندا آهن، اھي ٻار اڪثر ڏوھن جي دنيا جو رخ ڪندا آھن. سندن تربيت نه ٿيڻ سبب سٺا انسان بڻجي ناھن سگھندا پوءِ اھي قانون جي ابتڙ وڃڻ شروع ڪندا آھن. ڏوھ صرف اھيو ناھي ته انسان چوري ڪري قتل ڪري يا ٻيا غلط ڪم ڪري. پر ماڻھو جو پڙھي لکي سٺي عھدي تي پھچي، پنھنجي ڪرسي جو غلط استعمال ڪرڻ به ڏوھ آھي. سماج اندر مليل ذميواري کي اگر ڪو شخص سٺي نموني نٿو نڀائي، پنھنجي کنيل حلف سان نڀاءُ نٿو ڪري يا ڪرسي جي طاقت کي پنھنجي ذاتي انا جي تسڪين خاطر استعمال ڪري ٿو ته اھو پڻ سماج اندر مجرم آھي. اڪثر ڏٺو ويندو آھي ته جيڪي ماڻھو نشو واپرائيندا آهن، انھن جو اولاد ذھني پستي جو شڪار رھي ٿو.اولاد جي سٺي تربيت نه ڪري سگھندا آھن. جنھن جا اولاد تي برا اثر پوڻ شروع ٿيندا آھن، اولاد تي انھي نشي جو پڻ گھرو اثر ٿيندو آھي. تنھنڪري ئي ته چيو ويندو آھي ته عادتون نسلن جو ايڪسري ڪري ڇڏينديون آھن. ساڳي مضمون ۾ اسان کي اھيو پڻ پڙھايو ويندو آھي ته جنھن ٻار جا والدين ڏوھاري ھوندا آھن يا برين عادتن ۾ جڪڙيل ھوندا آھن ته سندن اولاد به اھڙي ئي تربيت حاصل ڪندو آھي. نتيجي ۾ سندن ٻار به ڏوھاري ۽ سماج ۾ برو ڪردار ادا ڪندا آھن. جئين مشھور چوڻي آھي ته ڪانوَ جا ٻچا ڪانوَ ئي ٿيندا آھن. ڪو ماڻھو پنھنجي سڄي زندگي انسان دوست ٿي گذاري ڇڏي ته سندس اولاد به انسان دوستي ۾ پيءُ کان ٻه قدم اڳيان ئي نظر ايندو آھي. عبدالستار ايڌي جو مثال اسان جي سامھون آھي. سندس حياتي جو وڏو حصو انسانذات جي جي خدمت ۾ گذريو. انھي نقشي قدم تي ھلندي سندس اولاد اڄ به انسانذات جي ڀلائي لاءِ پيش پيش نظر اچي ٿو. ساڳي جاءِ تي اسان جا سياستدان پير ۽ وڏيرا جيڪي غريبن جو مال کائيندا رهن ٿا، سندن اولاد به انھي پير تي پير رکي ھلڻ سکندو آھي. نتيجي ۾ اھي به غريبن ۽ مسڪينن لاءِ ڏمر بڻجي پوندا آھن. وري اھڙن پيرن ۽ وڏيرن جي ظلم کان تنگ اچي جڏھن ڪو ماڻھو ھٿيار کڻي ڪچي ۾ لھي ٿو وڃي ته سندس ٻچو به باغي ٿي پوندو آھي ۽ ائين انهن جا نسل بغاوت ڪرڻ لڳندا آھن. ٻي پاسي اسان کي پنھنجي معاشري اندر کوڙ اھڙا مثال مثال ڏسڻ ۾ ايندا آھن. جيڪي پنھنجي ڀرپاسي ۾ رھندڙ انسانن توڙي جانورن لاءِ ناسور بڻيل ھوندا آھن. سندن حياتي جو ڳچ حصو ٻين کي تڪليفون ڏيندي ۽ ٻين جا حق کائيندي گذرندو آھي.اسان وٽ اگر ڪنھن شيءِ جي سڀ کان وڏي ضرورت آھي ته اھا آھي تربيت. ان ڪري اولاد جي تربيت تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي ته جئين سندن ڪردار تي اٿندڙ آڱر ست پيڙھيون لتاڙي پوئتي نه پھچي سگھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو