ايڊيٽوريل
سنڌ حڪومت 14 کرب 77 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڪو به نئون ٽئڪس لاڳو نه ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 20 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گريڊ هڪ کان 5 تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهار ۽ پورهيت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. اڱاري ڏينهن وڏي وزير مراد علي شاهه ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي بجيٽ پيش ڪئي، صوبي جي مجموعي بجيٽ 1477.903 ارب رپيا آهي جڏهن ته صوبائي بجيٽ ۾ 19.1 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ اسيمبلي ۾ 1477.903 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ پيش ڪئي ۽ خساري جو ڪاٿو 25.738 ارب رپيا لڳايو ويو. هن چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ صوبي جي ٽوٽل بجيٽ جو ڪاٿو 1452.168 ارب رپيا آهي ۽ صوبي جي پنهنجي اوڳاڙي 329.319 ارب رپيا متوقع آهن جڏهن ته خرچ 1089.372 ارب رپيا آهن. هن چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ صوبي جا ترقياتي خرچا 329.033 ارب رپيا آهن ۽ هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال ۾ ترقياتي خرچ 41.3 سيڪڙو وڌايو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته صوبائي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 رپين مان وڌائي 25000 رپيا ڪئي وئي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت مجموعي پگهارن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت يعني 25 هزار رپين جي وچ واري فرق کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجن ملازمن کي (پوليس ڪانسٽيبلن کان سواءِ، گريڊ 01 کان گريڊ 5 تائين) ذاتي الائونس ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بينظير هائوسنگ سيل جي ذريعي بي گهر يا اهڙا ماڻهو جن جا گهر ڪمزور يا رهڻ جوڳا نه هوندا انهن کي گهٽ خرچ وارا گهر ٺهرائي ڏنا ويندا، سنڌ پيپلز پروگرام هيٺ ڪورونا سبب متاٿر ٿيلن جي مالي مدد ڪئي ويندي. آبادگارن کي 600 کان وڌيڪ شيون اڌ قيمت تي ڏنيون وينديون، 25 ايڪڙ يا ان کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن کي سارين جي ٻج جي خريداريءَ ، زرعي دوائن ۽ ڀاڻ تي سبسڊي ڏني ويندي، آبادگارن کي سولر پاور وارا 150 ٽيوب ويل رعايتي اگهه تي لڳائي ڏنا ويندا، وچولن ۽ ننڍن واپارين کي 5 لک کان 20 لک رپين تائين قرض ڏنو ويندو، شهرن ۾ ننڍي ڪاروبار لاءِ 2 لک رپين تائين جا قرض ڏنا ويندا. وڏي وزير ٻڌايو ته صوبائي اي ڊي پي ۾ 43.5 سيڪڙو واڌ ڪري 222.500 ارب رپيا ۽ ضلعي اي ڊي پي ۾ ٻيڻي واڌ ڪري 30 ارب رپيا رکيا ويا، تعليم لاءِ بجيٽ ۾ 14.2 سيڪڙو تائين اضافي سان گڌ 277.56 ارب رپيا رکيا ويا. زرعي شعبي جي بحالي لاءِ 3.00 ارب رپيا، امن امان لاءِ 119.97 ارب رپيا، مڪاني ادارن جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 25.500 ارب رپيا ۽ صحت جي شعبي لاءِ 29.5 سيڪڙو واڌ ڪري 172.08 ارب رپيا رکيا ويا آهن. نئين مالي سال جي بجٽ ۾ڪنوينس ۽ مختلف ڪاغذن تي اسٽيمپ ڊيوٽي جي شرح 2 سيڪڙو مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ ۽ملڪيتن جي وڪري توڙي مسواڙ تي اسٽيمپ ڊيوٽي 2 مان گهٽائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ جي به تجويز شامل آهي. ان سان گڏوگڏ مستحق ماڻهن جي مدد ۽ معيشت جي بحالي لاءِ 30.90 ارب رپين جي سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام وارو پئڪيج ٻيهر بجيٽ ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته زرعي شعبي جي بحالي لاءِ 3.00 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 16.00 ارب رپيا شهرين جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ رکيا ويا آهن، تعليم جي شعبي لاءِ 277.56 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي ريت تعليم جي بجيٽ ۾ 14.2 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، 1.70 ارب رپيا آئي ٽي شعبي جي بحالي لاءِ رکيا ويا آهن، ايس ايم ايز ذريعي صنعتي ترقي لاءِ 3 ارب رپيا رکيا ويا آهن. اسان سمجهون ٿا ته موجوده حالتن ۾ سنڌ حڪومت مثالي بجيٽ پيش ڪئي آهي، خاص ڪري تعليم، صحت ۽ زرعي شعبي تي سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، جيڪو تحسين لائق آهي، سنڌ حڪومت هميشه جيان ٻين صوبن ۽ وفاق کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ملهايو آهي.اسان اميد ٿا ڪريون ته ان مثالي ۽ عوام دوست بجيٽ جا ثمر جلد صوبي جي ماڻهن تائين پهچايا ويندا، جيئن سندن تڪليفون دور ٿي سگهن.