223

ميڪسيڪو، بس حادثي ۾ 12 ماڻهو اجل جو شڪار، 13 سخت زخمي

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو بس حادثي ۾ 12 ماڻهو فوت ۽ 13 زخمي ٿي پيا، رپورٽ مطابق ميڪسيڪو پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته حادثو اتر اوڀر رياست تاموليپاس جي روڊ تي مقامي وقت موجب4  وڳي پيش آيو،بس تيز رفتار سبب ڊرائيور جي قابو مان نڪري وئي جنهن سبب حادثو پيش آيو، جنهن سبب 12 مسافر اجل جو شڪار ۽ 13 زخمي ٿي پيا،امدادي ڪارڪنن لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو