ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن بجيٽ ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي لاءِ ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن جيڪڏهن ڪو علائقو رهجي ويو هوندو ته ان کي به شامل ڪيو ويندو، ملڪ ۾ مهانگائي جي طوفان کي نظر ۾ رکندي اسان گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار روپيه مقرر ڪئي آهي، وفاق کي به اپيل ٿو ڪيان ته باقي صوبن ۾ به گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار روپيه مقرر ڪرائي ته جيئن غريب ماڻهن کي رليف ملي سگهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته اسان تي ڪو به ڪم نه ڪرڻ جا الزام لڳائيندڙن کي اهو نظر نٿو اچي ته اسان ڪراچي ٺٽو ڊبل روڊ ٺاهي ڇڏيو آهي، سنڌو درياءَ تي ٻه پلون ٺاهيون آهن. شاهراهه فيصل سميت طارق روڊ ، اسٽيڊيم روڊ انڊر پاسز ٺاهيا آهن، 60 ڊيمن جو ڪم مڪمل ڪيو آهي ۽ 23 ڊيمون تعمير هيٺ آهن. هن چيو ته حادثو ڪوهاٽ ۾ ٿئي ٿو ته ان مريض جي سي ٽي اسڪين جناح اسپتال ۾ ٿئي ٿي. ڪراچي ۾ 1072 منصوبن تي ڪم جاري آهي. ماڙيپور ڪورنگي روڊ ٺاهي رهيا آهيون ۽ فقط ڪراچي جي لاءِ 110 ارب روپيه مختص ڪيا آهن جيڪڏهن وسيلا هجن ها ته ڪراچي لاءِ 3000 ارب رکون ها اسان کي وفاق ۽ انٽر نيشنل ڊونر ايجنسين جي مدد جي ضرورت آهي. وڏي وزير چيو ته هن سال 30 هزار کان وڌيڪ نوڪريون ڏينداسين جڏهن ته گورک هل اسٽيشن جي مڪمل ترقي لاءِ گهربل رقم بجيٽ ۾ رکي آهي اها رٿا ضرور مڪمل ٿيندي. هن چيو ته پاڻي جي معاملي تي پنجاب سان ڪو به اختلاف نه آهي. ارسا معاهدي تي عمل نٿو ڪري جيستائين ارسا معاهدي تي عمل نه ڪندو اسان ان معاملي تي ڳالهائيندا رهنداسين. پنجاب جي وڏي وزير ۽ ايريگيشن جي وزير سان منهنجي ڪا به دشمني نه آهي پر پاڻي جي کوٽ آهي ۽ پڇڙي وارا آبادگار پاڻي جي لاءِ پريشان آهن ۽ اهي وڏي تڪليف ۾ آهن مان پاڻ به پڇڙي جو آبادگار آهيان. بحريا ٽائون معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته هن صوبي ۾ ڪو به ماڻهو ڪاروبار ڪري سگهي ٿو جن ماڻهن اتي وڃي ڀڃ ڊاه ڪئي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. سنڌ حڪومت ته فقط ٻه ايف آءِ آر داخل ڪرايون آهن باقي ڪيس متاثرين داخل ڪرايا آهن. هن چيو ته ماڻهن جي ملڪيتن کي ڇا جي ڪري نقصان پهچايو ويو هر قانون ٽوڙڻ واري جي خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته صوبن جي حقن جي ڳالهه پي پي پي کان سواءِ ڪا به پارٽي نه ڪندي آهي ان ڪري ئي سنڌ جا 70 سيڪڙو ماڻهو پي پي پي کي ووٽ ڏيندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته رني ڪوٽ کي ترقي وٺرائي ويندي. هن چيو ته مان پنهنجي ڪم مان مطمئن آهيان ان ڪري سڪون جي ننڊ ڪندو آهيان پر مخالفن جون ننڊون ڦٽل آهن. هن چيو ته نوري آباد مان ڪي اليڪٽرڪ کي في يونٽ 10 روپين ۾ بجلي ملي ٿي پر اها ڪمپني 20 روپين ۾ في يونٽ وڪرو ڪري ٿي. هن چيو ته اسان ٿر کي ٺاهي ڏيکاريو آهي. 10 سال اڳ واري ٿر ۽ اڄوڪي ٿر ۾ وڏو فرق آهي ٿر جا ماڻهو پڙهيل لکيل ۽ قابل آهن. هن چيو ته ذوالفقار آباد وارو منصوبو سٺو آهي پر اهو سياست جي نظر ٿي ويو آهي ان تي ڪم رڪجي ويو آهي باقي اهو منصوبو ختم نه ڪيو آهي ان ڪري هن بجيٽ ۾ ان لاءِ پيسا رکيا ويا آهن.
