211

تعليم واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ شاگردن جي داخلا کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجلاس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ شاگردن جي داخلا کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان طئي ڪيو ويو ته پاڪستان جي سمورن شاگردن جن انٽرميڊئيٽ امتحان ڏنو آهي يا کين اڃا ڏيڻو پوندو، انهن سڀني کي اِي ڪيٽ امتحان/انجنيئرنگ جي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت هوندي. اربع ڏينهن شفقت محمود جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، انجنيئرنگ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن ۽ ايڇ اِي سي جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ڪورونا جي ڪري تعليمي سال ۽ امتحان ملتوي ٿيڻ سبب انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ وقت سر داخلا کي يقيني بنائڻ ۽ شاگردن جي سال کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ مشاورتي اجلاس ۾ مختلف آپشنز تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان طئي ڪيو ويو ته پاڪستان جي سمورن انٽر پاس شاگردن يا امتحان ڏيندڙ شاگردن سڀني کي اِي ڪيٽ امتحان/ انجنيئرنگ جي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت هوندي. اجلاس ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته ڪيمبرج جي اي ٽو شاگردن جن جي رزلٽ جنوريءَ ۾ اچڻ جو امڪان آهي، انهن کي به امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت هوندي ۽ يونيورسٽيز کين پرويجنل داخلائون ڏيندي جيڪي سندن فائنل امتحان ۽ رزلٽ سان مشروط هونديون. اجلاس ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ڪنهن به انجنيئرنگ جي شاگرد کي يونيورسٽي ۾ امتحان کان نه روڪيو ويندو. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل ۽ لاڳاپيل اٿارٽيز وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي هدايتن تي اهڙي سهولت فراهم ڪندي جنهن ۾ ڪنهن به شاگرد جو سال ضايع نه ٿئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو